سپرڪنڊڪٽيويٽي (Superconductivity) طبيعي خاصيتن جو هڪ سيٽ آهي جيڪو سپر ڪنڊڪٽر؛ مواد جنهن ۾ برقي مزاحمت ختم ٿي ويندي آهي ۽ مقناطيسي فيلڊ مواد مان خارج ٿي ويندا آهن، ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هڪ عام دھاتي ڪنڊڪٽر جي برعڪس، جنهن جي مزاحمت آهستي آهستي گهٽجي ويندي آهي جيئن ان جو گرمي پد گهٽجي ويندو آهي، ايستائين جو مڪمل صفر جي ويجهو، هڪ سپر ڪنڊڪٽر وٽ هڪ خاص نازڪ درجه حرارت هوندو آهي، جنهن جي مزاحمت اوچتو صفر تي اچي ويندي آهي.[1] [2] سپر ڪنڊڪٽنگ تار جي لوپ ذريعي هڪ برقي ڪرنٽ، بغير ڪنهن مزيد طاقت جي، اڻڄاتل وقت تائين جاري رهي سگهي ٿو.[3][4][5][6]

هائيڪ ڪيمرلنگ اونس (ساڄي)، سپر ڪنڊڪٽيوٽي جو دريافت ڪندڙ. پال ايرنفيسٽ, هينڊرڪ لورينٽز جي گهٽ ۽ نيلس بوهر انهن جي کاٻي پاسي بيٺو آهي.

سال 1911ع ۾ ڊچ فزڪس دان هائيڪ ڪيمرلڱ اووينس (Heike Kamerlingh Onnes) پاران سپر ڪنڊڪٽيوٽيءَ جو رجحان دريافت ڪيو ويو. لوهه مقناطيسيت (ferromagnetism) ۽ ايٽمي اسپيڪٽرل لائنن وانگر، سپرڪنڊڪٽيويٽي هڪ رجحان آهي جنهن جي صرف ڪوانٽم ميڪنڪس ذريعي وضاحت ڪري سگهجي ٿي. اهو، سپر ڪنڊڪٽر جي اندرين ۾، ان جي سپر ڪنڊڪٽنگ حالت ۾ منتقلي دوران، مقناطيسي فيلڊ جي مڪمل منسوخي، "ميسنر اثر" (Meissner Effect) سان منسوب ڪيو ويو آهي. ميسنر اثر جي موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته سپر ڪنڊڪٽيويٽي کي صرف ڪلاسيڪل فزڪس ۾ مڪمل ايصال (Conductivity) جي مثالي طور سمجهي نٿو سگهجي.

سال 1986ع ۾، اهو دريافت ڪيو ويو ته ڪجهه ٽامي جا پيروسڪائٽ سيرامڪ مواد °90 ڪيلون (منفي °183 سينٽي گريڊ) کان هيٺ، ايڙهي هڪ خاص گرمي پد رکڻ ٿا.[7] اهڙي تيز منتقلي واري گرمي پد نظرياتي طور تي هڪ روايتي سپر ڪنڊڪٽر لاءِ ناممڪن آهي، جنهن ڪري مواد کي اعليٰ درجه حرارت جا سپر ڪنڊڪٽرز چيو وڃي ٿو.

سستي طور تي دستياب کولنٽ مائع نائٽروجن °77 ڪيلون (−196 ° C) تي ابل جي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ان کان مٿان گرمي پد تي سپر ڪنڊڪٽيويٽي جو وجود ڪيترن ئي تجربن ۽ ايپليڪيشنن کي آسان بڻائي ٿو جيڪي گهٽ گرمي پد تي گهٽ عملي آهن.

درجه بندي

سنواريو

ابتدائي خاصيتون

سنواريو

تيز گرمي پد تي سپرڪنڊڪٽيويٽي جون ايپليڪيشنون

سنواريو

نوبل انعام

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو
  1. Combescot, Roland (2022). Superconductivity. Cambridge University Press. pp. 1–2. ISBN 9781108428415. https://books.google.com/books?id=lRhdEAAAQBAJ&pg=PA1. 
  2. Fossheim, Kristian; Sudboe, Asle (2005). Superconductivity: Physics and Applications. John Wiley and Sons. pp. 7. ISBN 9780470026434. https://books.google.com/books?id=Ep1MLS9YQX8C&pg=PA13. 
  3. Bardeen, John; Cooper, Leon; Schrieffer, J. R. (December 1, 1957). "Theory of Superconductivity". Physical Review 108 (5): 1175. doi:10.1103/physrev.108.1175. ISBN 978-0-677-00080-0. Bibcode1957PhRv..108.1175B. https://books.google.com/books?id=_QKPGDG-cuAC&q=%22persist+indefinitely&pg=PA76. Retrieved June 6, 2014.  Reprinted in Nikolaĭ Nikolaevich Bogoliubov (1963) The Theory of Superconductivity, Vol. 4, CRC Press, ISBN 0677000804, p. 73.
  4. Daintith, John (2009) (en ۾). The Facts on File Dictionary of Physics (4th ed.). Infobase Publishing. pp. 238. ISBN 978-1-4381-0949-7. https://books.google.com/books?id=VdEVdJo3CDgC&pg=PA238. 
  5. Gallop, John C. (1990) (en ۾). SQUIDS, the Josephson Effects and Superconducting Electronics. CRC Press. pp. 1, 20. ISBN 978-0-7503-0051-3. https://books.google.com/books?id=ad8_JsfCdKQC. 
  6. Durrant, Alan (2000). Quantum Physics of Matter. CRC Press. pp. 102–103. ISBN 978-0-7503-0721-5. https://books.google.com/books?id=F0JmHRkJHiUC&q=%22persist+indefinitely&pg=PA103. 
  7. Bednorz, J. G.; Müller, K. A. (1986). "Possible high Tc superconductivity in the Ba−La−Cu−O system". Z. Phys. B 64 (1): 189–193. doi:10.1007/BF01303701. Bibcode1986ZPhyB..64..189B.