سِنڌِي ناتَنِ رِشتَنِ جا نالا

اُپَتِ ۽ جُڙَتِ جو آڌارُ

سنواريو

سِنڌِي ٻولِيءَ جِي اُپَتِ ۽ جُڙَتِ پراڪرَت (Natural) گُونجُنِ کي ٻُڌِي ڪَري ٿِي آھي۔ سِنڌِيءَ ۾ ناتَنِ - رِشتَنِ جا نالا وَڻَنِ جي ٻِجَنِ جي "ٽرَڙِ - ٽرَڙِ" ڪَري ٽرِڙَڻَ ۽ ڦُٽِ-ڦَٽِ ڪَري ڦُٽَڻَ وارِي گُونجَ کي ٻُڌِي ڪَري جوڙِيا وَيا آھِنِ ۔ اِنھَن ڪَري اِنھَن رِٿَ آڌارِ گھَڻِيالُ مِٽرَنِ - مائِٽرَنِ جي ناتَنِ واري نالَنِ جي پويان "ٽرَڙِ - ٽرَڙِ" گُونجَ وارو اَکَرُ 'ٽرَ' جوڙِيَلُ آھي ۔ سَنسڪرِت ۾ 'ٽرَ' جو 'ترَ'، اَنگريزِي، عربِي ۽ فارسِيءَ ۾ 'ٽَر' ۽ 'دَر' ۽ 'تَر' جوڙِيَلُ آھي ۔ جِيئَن تَ فادَر، مَدَر، برَدَر، سِسٽَر، پِدَر، مادَر، بِرادَر، دختَر.

ڌَرتِيءَ جِي "ڌَمِ- ڌَمِ" ۽ ڀُئِن - ڀُومِيئَن جِي گُونجَ "ڀَمِ - ڀَمِ" آھي، اِنھَنڪَري ڌَرِتِي ۽ ڀُئِن - ڀٰومِي نالا جوڙِيا وَيا ۔ اِنھَننِ گُونجُنِ آڌارِ 'مَ' سان ماءُ، 'ڌَ' سان ڌِيءُ ۽ 'ڀَ' سان ڀاءُ - ڀيڻُ جيڙھا نالا جوڙِيا ويا ۔ پاڻِي ڌَرِتِيءَ تي ڪِرَندو آھي تَ "ٽَپِ - ٽَپِ" گونجَ نِڪِرَندِي آھي، 'ٽَ' ڌَرِتِيءَ سان ٽَڪِرائِڻَ ڪَري ۽ 'پَ' پاڻِيئَن جِي گُونجَ آھي، اِنھَن ڪَري 'پَ' سان پاڻِي ۽ پِيءُ نالو رَکِيو وَيو.

وَڻَنِ - ٽرِڻَنِ جا ٻِجَ "ٽرَڙِ - ٽرَڙِ" گُونجَ ڪَري ٽرِڙَندا آھِنِ ۽ جَڙُون "ڦُٽِ - ڦُٽِ" گُونجَ ڪَري ڦُٽَندِيُون آھِنِ ۔ ڌَرِتِيءَ مان پاڻِي مَلَڻَ ڪَري وَڻَنِ - ٽرِڻَنِ جي ٻِجَنِ - جَڙُنِ مان وَٽرَ، ٽارِي - ٽارِيُون، پَنَ، گُلَ-ڦُلَ، ڦَلَ، ڦَرِيُون، مُڱَڦَرِيُون، ڦوٽا، مَٽرَ (مَٽَرَ) ڦَرَندا - ڦَلَندا آھِنِ ۔ "ٽرَڙِ - ٽرَڙِ" ۽ "ڦُٽِ - ڦُٽِ" گُونجَ جو 'ٽرَ' ۽ 'ڦَ' اَکَرُ جوڙي وَٽرَ (ڦَلَ - ميوا)، ٽارِي - ٽارِيُون، پَنَ، گُلَ-ڦُلَ، ڦَلَ، ڦَرِيُون، مُڱَڦَرِيُون، ڦوٽا، مَٽرَ (مَٽَرَ) جيڙھا نالا جوڙِيا وَيا ۔ وَڻَنِ - ٽرِڻَنِ وانگُرُ ماڻھُونئَن مان ٻارَ ڄَمَندا آھِنِ ۔ جِيئَن پِيءُ وَڻُ ۽ ماءُ ڌَرِتِي ھُوندِي آھي، تِيئَن ئِي پِيءُ مُڙدُ ۽ ماءُ ڌَرِتِي ھُوندِي آھي ۔ اِنھَن آڌارِ "پِيءُ" جي ٻِجَ مان ٽرِڙِيو - ڄائو سو "پُٽرُ" ۽ ماءُ "ڌَرِتِيءَ" مان ڄائِي سا "ڌِيءُ" مِلائي ڪُلُ 94 نالا رَکِيا وَيا ۔ سِنڌِيءَ ۾ پيٽَ ۾ پَلجَندَڙَ ٻارَ کي ”ڦَرُ“ بِ چَئِبو آھي . ڪَنهِن ڳالھِ - ڪَمَ ۾ تَڪَڙِ ڪَرِڻَ تي چَئَبو آھي ”ڌِيرَجُ ڌارِ ! ڦَرُ ٿو ڪِرَئِي ڇا ؟“ ٻِيَنِ ٻولِنِ ۾ بِ ڦَر جوڙي جَفَر، جعفَر، نِيلوفَر ۽ ڪرِسٽوفَر نالا جوڙِيا وَيا.

ناتَنِ جا سِنڌِي نالا

سنواريو

ماڻھُونئَن جُون مُکُ ٽري آڪَھِيُون ھُوندِيون آھِنِ ۔

1. ڏاڏاڻِي (پيڪِي)، 2. ناناڻِي (ماڪِي)، 3 ساھُرِي.

ڏاڏاڻِي آڪَھِ جا مائِٽرَ (ناتا)

ڏاڏاڻي آڪَھِ جا نالا

تَڙَڏاڏو، پَرَڏاڏو، ڏاڏو، تَڙَڏاڏِي، پَرَڏاڏِي، ڏاڏِي.

پِيءُ، ماءُ -- پُٽرُ، نُونھُن، پوٽرو، پَرَپوٽرو، پوٽرِي، پڙپوٽي.

مُڙِسُُ، پَتِي، جالَ، جوءِ، گھوٽُ، ڪوانرِ، وَنون، وَنِين.

ڌِيءُ - ڃاڻِي، ڃاڻو -- ڏوھِٽرو، ڏوھٽرِي، ڏوھٽي-جالَ، ڏوھِٽرِيءَ - گھوٽُ.

ڀاءُ، ڀاڄائِي -- ڀاٽرِيو، ڀاٽرِي، ڀاٽري-جالَ، ڀاٽرِيءَ گھوٽُ.

ڀيڻُ، ڀيڻِيوِيو -- ڀاڻيجو، ڀاڻيجِي، ڀاڻيجي-جالَ، ڀاڻيجِيءَ گھوٽُ.

ڪاڪو-چاچو، ڪاڪِي-چاچِي -- سؤٽرُ، سؤٽرِ، سؤٽرَ-جالَ، سؤٽرِ جو گھوٽُ.

پُڦِي، پُڦَڙُ -- پُڦاٽرُ، پُڦاٽ.

پُڦاٽ-جالَ، پُڦاٽ جو گھوٽُ.

ماسِي، ماسَڙُ -- ماساتُ، ماساتِ، ماساتَ-جالَ، ماساتِ جو گھوٽُ.

سيڻُ، سيڻِ -- سيڻوٽرُ، سيڻوٽرِ سيڻوٽرَ-جالَ، سيڻوٽرِ جو گھوٽُ.

ڏيرُ، ڏيراڻِي -- ڏيروٽرُ، ڏيروٽرِ، ڏيروٽرَ-جالَ، ڏيروٽرِ جو گھوٽُ.

نِڻانَن -- نِڻانَن جو گھوٽُ، نِڻانوٽرُ، نِڻانوٽ.

ناناڻِي آڪَھِ جا مُکُ مائِٽرَ (ناتا)

نانو، نانِي -- مامو، مامِي، ماروٽرُ، ماروٽرِ، ماروٽرَ-جالَ، ماروٽرِ جو گھوٽُ.

ساھُرِي آڪَھِ جا مُکُ مائِٽرَ (ناتا)؛

سَھُرو، سَسُ -- سالو، سالِي، سالي-جالَ، سَنڍُو.

آڪَھِنِ جي ناتَن جا نالا --ڏاڏاڻا، ناناڻا، پيڪا، ماڪا، ساھُرا.

ڏاڏاڻِي آڪَھِ جا 75, ناناڻِي آڪَھِ جا 8, ساھُرِي آڪَھِ جا 6 ۽ آڪَھِنِ جي ناتَن جا 5 ملائي ڪُلُ 94 نالا آھِنِ.

اِنھَن کان اَلَڳِ ڪُجھُ ناتَنِ جا سَڏڻَ وارا نالا بِ آھِنِ ۔ جِيئَن ڏاڏو -- بابا، ڏاڏِي -- اَمان، پِيءُ -- ڪاڪا، ماءُ -- ڀاڀِي، چاچو -- ڪاڪا، چاچِي -- ڪاڪِي، وَڏو ڀاءُ -- ڀائُو - اَدا، ڀاڄائِي -- نَنڍِي ڀاڀِي، وَڏِي ڀيڻُ -- اَدِي، پُڦِي -- ڏاڏِي، پُڦَڙُ -- ڏاڏا ۔ پُٽ -- پُٽرَ، نُونھُن -- ڪوانرِ، پُٽرَ، سؤٽ -- سؤٽر، نانو -- نانا، مامو -- ماما، ماروٽرُ -- ماروٽرَ، ماساتُ -- ماساتَ، وَڏِي ڏيراڻِي -- اَدِي، وَڏِي نِڻانَن -- دادِي.

نالينِھالُ ديوَڀاشا سَنسڪرِت ۾ ناتَنِ جا ڪُجھُ نالا سِنڌِي نالَنِ جا رُوپَ آھِنِ . پُترَ (پُٽرُ)، پؤترَ (پوٽرو)، پرَپؤترَ (پَرَپوٽرو)، ڌِيا (ڌِيءُ)، دوھِترَ (ڏوھِٽرو)، دوھِترِي (ڏوھِٽرِي) ۔ پَرَ سِنڌِيءَ کان ڏاڍا گھَٽِ ۽ سِنڌِيءَ ساڻُ هِندِي ۽ ڀارتِي ڀاشائُنِ کان ڌارَ آھِنِ ۔ جِيئَن ڏاڏو = پِتامَھ (پِيءُ جا پِيءُ)، ڏاڏِي = پِتامَھِي (پِيءُ جي ماءُ)، نانو = ماتامَھ (ماءُ جا پِيءُ)، نانِي - ماتامَھِي (ماءُ جِي ماءُ)، ڀيڻِيوِيو = ڀَگِنِي پَتِي (ڀيڻَ جا مُڙِسَ)، چاچو = پِتَه اَنُج (پِيءُ جا ڀاءُ)، چاچِي = پِترَوِيَه: پَتنِي (پِيءُ جي ڀاءُ جِي جالَ)، سؤٽرُ = چَچاجاتَ: درَشٽَوِيَھ (چاچي جا پُٽرَ)، پُڦِي = پِتَه ڀَگِنِي (پِيءُ جِي ڀيڻَ)، پُڦَڙُ = پِتَه ڀَگِنِي پَتِي، (پِيءُ جِي ڀيڻَ جا مُڙِسَ)، پُڦاٽرُ = پِترَٿَوِيَ ڀُوڪه (پِيءُ جِي ڀيڻَ جا پُٽرَ)، ماسِي = ماترَوَتسا (ماءُ جيڙھِي)، ماسَڙُ = ماترَسِيَه ڀَگِنِي پَتِي (ماسِيءَ جا مُڙِسَ)، ماساتُ = ماترَشوَسُه پُترَه (ماسِيءَ جا پُٽرَ)۔ ڌِيانُ رَهي سِنڌِيءَ ۾ پَتِي مانا پَت - لَڄَ رَکَڻَ وارو ۽ سَنسڪرِت ۾ پَتِي مانا سوامِي - مالِڪُ ۔ اِيھي نالا کِلَڻَجوڳُ تَ آھِنِ پرَ سَڏِڻَ جا نالا هُئَڻ ڪَري نَنڍَنِ - وَڏَنِ جِي مانَ - مَرِيادا ڪيرائِڻَ ساڻُ اوڇائِپَ - ھَلڪَٽَپڻي جِي پَڌِرائِي آھِنِ. (محقق ۽ لسانياتدان؛ پريمُ تَنواڻِي) [1]https://www.facebook.com/groups/205673899855723/posts/2029997647423330/