مشهور رشي ۽ سنت آسودا رام صاحب جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ ’سخي بابا ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي لکنؤ ڀارت ۾ هڪ وڏو -آشرم- به آهي ۽ پني عاقل شهر ۾ هڪ آستان ۽ سخي بابا جنرل اسپتال به قائم آهي . سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو لڌڙو مل هو . ننڍي هوندي کان ئي -تنهائي- پسند هو ۽ هر وقت ڌڻيءَ جي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو ، کيس ننڍي هوندي ئي سندس والد پنهنجي مرشد سنت سترام داس وٽ ڇڏي آيو ، -جتي- 13 سال رهيو ۽ اتي گانئن ( ڳَئُن ) جي خدمت ڪيائين . بعد ۾ مرشد جي حڪم تي موٽي ڳوٺ آيو . 1940ع ۾ مرشدن جي حڪم سان پني عاقل ۾ آستان جي اڏاوت ڪرايائين ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪري اتي رهائش اختيار ڪيائين ، -جتي- پري پري کان حاجت مند اچي حاضريون ڀري ۽ من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا . سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ -ان- آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي ، -جتي- هند سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن . آسودارام درٻار پني عاقل ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي .