سيٺ کٽو مل(انگريزي: Seth Khatoo Mal) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ سنڌ جو ھڪ واپاري جنھن جو تعلق مانجھند شھر سان ھيو.هي مانجهند جو مشهور سنڌورڪي هو، سندس نالي پٺيان سندس خاندان کٽواڻي سڏجڻ ۾ آيو.سندس نک (لهر) هئي. کيس سنڌورڪي ۾ ڪو خاص نفعو نه ٿيو، جنهن ڪري زندگيءَ جا آخري ايام غريب ٿي گذاريائين کيس ٻه پٽ هئا: گنگار رام ۽ نٿر مل، سيٺ گنگاررام ڪراچي ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪيو پر پئسي جي گهٽتائي سبب ڪاروبار ڇڏي ڪراچي ۾ ڦيري ڪرڻ لڳو. سندس پٽ واڌومل سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وٽ ڪراچي ۾ ان جي گدام جو مئنيجر ٿيو. هن جي معرفت سندس چاچو نٿر مل ۽ بعد ۾ سندس سوٽ رتومل به سيٺ وشنداس وٽ ملازمت ڪرڻ لڳا. جتي هنن سٺي موڙي ٺاهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ