سيٺ ڏيارام مانجھند وارو

سيٺ ڏيارام(انگريزي: Seth Dayaram) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ مانجھند جو واپاري ھيو.سيٺ ڏيارام سريلنڪا ۾ واپار ڪندو هو. سنڌ جي ٺاهيل ڪپڙي جي ڪوٺي سريلنڪا ۾ کوليائين. اتي ڪافي عرصو رهيو جنهن ڪري تمام گهڻي رقم ڪمائي 1932ع ڳوٺ مانجهند موٽي آيو. اچڻ سان زمين ورتائين زمينداري سبب سندس تعلقات تعلقي جي چڱن مڙسن، زمينداري آفيسرن سان قائم ٿيا. پاڻ سنجيده قسم جو ماڻهو هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ڀارت لڏي ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ