سيٺ ڏوڏومل:(انگريزي: Seth Dodomal) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ سنڌ جي شھر مانجھند جو ھڪ وڏو واپاري ھيو.سيٺ ڏوڏومل جاوا ۾ پشن جو واپار ڪندو هو. سندس ڪارخاني جون ڪيتريون ئي برانچون ڪراچي، تربت، پسني ۾ قائم هيون، جتان سڪل مڇي خريد ڪري انڊونيشا ۽ بنگال ڏانهن موڪليندو هو. سڄي عمر سنڌ ورڪي ٿي رهيو. سندس چوڻ هو ته پئسوئي طاقت ۽ عزت جو بنياد آهي. ٻيڙيون ٺهرائي ڀائيواري يا ونڊيءِ تي محلاحن کي ڏيندو هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ بمبيءَ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين، جتي پڻ هڪ ڪپڙي جي ڪوٺي کوليائين 1951ع ۾ ديهانت ڪري ويو. کيس ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئريون اولاد ۾ هيون.[1]

حوالا سنواريو

  1. مانجهند جا سنڌ ورڪي- - عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ