سيٺ منگهرمل ٽيڪچند ڌانواڻي
سيٺ منگهرمل ٽيڪچند ڌانواڻي(انگريزي: Seth Manghomal Tekchand Dhanwani)برٽش انڊيا واري دؤر ۾ سنڌ جي شھر مانجھند جو ھڪ ناليوارو واپاري ھيو.ن جي واپاري ڪوٺي جاوا (انڊنيشا) ۾ موجود هئي، کيس واپار مان تمام گهڻو نفعو ٿيو، جنهن مان هن زمين خريد ڪري زمينداري ڌنڌو اختيار ڪيو، جنهن ڪري آس پاس جي ماڻهن ۽ ڪامورن سان سندس سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا. انگريز سرڪار سندس خدمتن کي محسوس ڪندي کيس راءِ بهادر جو لقب ڏنو،ان ڪري سندس سياسي اثر ايترو ته وڌي ويو جو هي ڪيترن ئي سالن تائين مانجهند ميونسپالسٽي۽ نوٽيفائيڊ ايريا جو پريزيڊنٽ ۽ چيئرمين رهيو. ان کان سواءِ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر پڻ هو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ