سيٺ ايسرداس(انگريزي: Seth Eesar Das) برٽش انڊيا واري دؤر جو مانجھند سان تعلق رکندڙ واپاري ۽ سياستدان.پاڻ سيٺ ورند مل مانجھند واري جو پٽ ھيو. سندس ڀاء کيئلداس پڻ واپاري ھيو . ٻنھي ڀائرن ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو ۽ پيسو ڪمايو.سيٺ کيئلداس گدامي پنچات جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ ڀاڻس سيٺ ايسرداس ڪراچي ڪاٽن ائسوسيشن جو پريزيڊنٽ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ڪانگريسي ميمبر ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ