'سيون (نالا: ع. اطريه، ف. رشته آرد، هه. وغيره___ سيومان، قطايف ۽ اماج.) مشهور غذا آهي، ميدي مان مشن يا هٿ سان سڳن وانگر ٺاهيندا آهن.

سنڌي سَيون

طب سنواريو

خاصيت: هنن کي کير ۾ رڌي کنڊ وجهي کائجي تہ بدن کي ٿلهو ڪنديون. چيلھ جي سور ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد آهن. منيءَ کي گهاٽو ڪن ٿيون، سيني جي بلغم کي ڳاري ٻاهر ڪڍن ٿيون.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.