سينٽ پيٽرڪ جو ڏينهن

۱۷ مارچ تي ثقافتي ۽ مذهبي جشن جو ڏينھن


سينٽ پيٽرڪ جو ڏينهن (انگريزي: Saint Patrick's Day ) يا سينٽ پيٽرڪ جو ڏڻ 17 مارچ تي ملھائجندڙ ھڪ مذھبي ۽ ثقافتي ڏڻ آهي. اھا تاريخ روايتي طور تي سينٽ پيٽرڪ جي وفات جي تاريخ سمجھي ويندي آهي. سينٽ پيٽرڪ آئرلينڊ جي چرچ جو سرپرست عيسائي بزرگ ھيو جيڪو 385 عيسويءَ ۾ ڄائو ۽ 17 مارچ 461 عيسويءَ ۾ وفات ڪيائين. ھي رومن ڪيٿولڪ برطانيا جي دؤر ۾ بشپ ھيو جنھن آئرلينڊ ۾ اچي عيسائيت کي ڦھلايو. سترھين صدي عيسويءَ ۾ ھن ڏينھن کي آئرلينڊ جي ڪيٿولڪ چرچ ۽ چرچ آف آئرلينڊ مذھبي تھوارن جي ڏينھن ۾ شامل ڪيو ھو. ھي ڏينھن ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو[4]نادرن آئرلينڊ جو ,[5] ڪئناڊا جي نيو فائونڊ لينڊ ۽ ليبراڊور صوبي جي صوبائي حڪومت جي ملازمن جو ۽ ڪيريبئن سمند ۾ برطانيا جي زير نگراني خطي مائونٽ سيرٽ ۾ موڪل جو ڏينھن آھي.

سينٽ پيٽرڪ جو ڏينهن
A stained glass window depicts Saint Patrick dressed in a green robe with a halo about his head, holding a sham rock in his right hand and a staff in his left.
آئرلينڊ جي سينٽ بينن واري چرچ جي ھڪ دري جي شيشي ۾ سينٽ پيٽرڪ ڏيکاريل
سرڪاري نالو سينٽ پيٽرڪ وارو ڏينهن
عرفيت * سينٽ پيٽرڪ جو ڏڻ
  • (جرمن ٻوليءَ ۾ ) لافيئائل فدريڪ
  • پيٽرڪ جو ڏينهن
  • (سينٽ) پيڊي جو ڏينهن
  • (سينٽ) پيٽي جو ڏينهن [1][2]
ملهائڻ وارا
قسم نسلي گروھ وارو، عيسائيت وارو ۽ قومي ڏينھن
اهميت سينٽ پيٽرڪ جو ڏڻ
آئرلينڊ ۾ عيسائيت جي آمد کي ياد ڪرڻ [3]
تقريبون
  • نمائشي گشت ۾ شرڪت
  • سيليڊ (cèilidh) ۾ شرڪت ڪرڻ
  • شيمراڪ پائڻ
  • سائو لباس پائڻ
  • بيئر پيئڻ
  • شراب پيئڻ
رسمون چرچ طرفان ملھايو وڃي ٿو
تاريخ 17 مارچ
دورانيو ھڪ ڏينھن
تقرر ساليانو
ھڪ روايت مطابق سينٽ پيٽرڪ آئرلينڊ جي ماڻهن کي پاڪ ٽرينٽي سمجھائڻ لاء شيمراڪ جي ٽن پنن جو استعمال ڪيو
لنڊن ۾ ڇوڪريون ھي ڏڻ ملھائيندي ساون لباسن ۾


ڊبلن ۾ ھي ڏينھن ملھائيندي ڪيل ھڪ نمائشي گشت

ايس ٽي. آئرلينڊ ۾ پيٽرڪ جو ڏينهن جو جشن

سنواريو
  1. Doug Bolton (16 March 2016). "One Irish creative agency is leading the charge against 'St. Patty's Day'". The Independent. https://www.independent.co.uk/life-style/gadgets-and-tech/news/st-patricks-day-2016-pattys-day-name-google-chrome-extension-a6935141.html. "That's the thinking behind the No More Patty Google Chrome extension, created by Dublin-based creative agency in the Company of Huskies. The extension can be installed in a few clicks, and automatically replaces every online mention of the "very wrong" 'Patty' with the "absolutely right" 'Paddy'." 
  2. Aric Jenkins (15 March 2017). "Why Some Irish People Don't Want You to Call It St. Patty's Day". Time. http://time.com/4703066/st-patricks-day-paddys-pattys-dublin-ireland/. 
  3. Tourism, Consumption & Representation. CAB International. 2006. ISBN 978-0-851-99678-3. https://books.google.ca/books?id=AfPxaEo0fwsC. [حوالي ۾ موجود ناهي]
  4. "Public holidays in Ireland". Citizens Information Board. حاصل ڪيل 13 November 2010. 
  5. "Bank holidays". NI Direct. وقت 22 November 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 November 2010.