سينٽ ميري چرچ سکر

سينٽ ميري چرچ سکر سنڌ ۾ واقع رومن ڪيٿولڪ چرچ آهي جيڪو عيد گاه جي ويجهو واقع آهي۔ هي چرچ 1885ء ۾ تعمير ٿيو۔ چرچ جي اڳيان قد آدم سنگ مرمر جو مجسمو به رکيل آهي۔ چرچ ۾ سينٽ ميري اسڪول به آهي جنهن کي هندستان جي ورهاڱي کان بعد هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو[1]۔

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ ،ڄامشورو،2005ء، ص170