سيلري
سِيلرَي هن کي هندستاني ماڻهو شَلَري به چوندا آهن. هيءَ انگريزي ڀاڄي آهي. هن جا ٻه قسم آهن، هڪڙي اڇي، ٻي ڳاڙهي، وري انهن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪن جون پاڙ واريون ڳنڍيون ڀاڄيءَ وانگي ڪم اچن ٿيون، نه ته گهڻو ڪري انهن جا ڳنر ڪم ايندا آهن.
هيءَ ڀاڄي آگسٽ ۾ پوکڻ شروع ڪرڻ گهرجي، جو نڪرڻ ۾ قريب ٻه مهينا وٺي ٿي. پهرين ڪونڊين ۾ پوکڻ گهرجي. جڏهن ٽن چئن انچن جيڏا سلا ٿين تڏهن ڪڍي زمين ۾ رکجن. چريون ارڙهن انچ ويڪريون ۽ ارڙهن انچ اونهيون هئڻ گهرجن. تنهن ۾ نون اچن تائين ڀاڻ وجهڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻه پتيون پراڻو ۽ سڙيل ڳائو ڀاڻ هجي ۽ هڪ پتي مٽي، انهن چرين ۾ سلا هڪٻئي کان ارڙهن انچن جي وڇوٽيءَ تي رکڻ گهرجن. پوءِ پاڻي وقت بوقت پيو ڏجين ۽ هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو پٽڙو ڀاڻ پيو ڏجين. لوڻ هڻو ڀاڻ بهتر آهي.
آسپريگس وانگي هيءَ ڀاڄي به پنن سڪائڻ سان چڱي ٿيندي آهي. پاڙ کوٽي مٽي ڪڍڻ سان يا ٻوڙن جي مٿان بانس جي چيريل لڪڙي رکڻ سان، يا ٺڪر جي نالين رکڻ سان سڪائيندا آهن.
سيلري ڇهن مهينن ۾ پوري پچي ٿي. پر پنجن مهينن واري کائڻ ۾ چڱي آهي. ڳاڙهي قسم جي ڀاڄي وڏي به ٿئي ٿي ڳنڍيون به نهريون ڪري ٿي. ڪنهن ڪنهن جون پاڙون ته ساڳيون شلغم يا گوگڙوءَ جهڙيون ٿينديون آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو