سي سي تتر  : (انگريزي: See-See Patridge) تترن جو ھڪ قسم آھي. هن پکيءَ جي جسماني ڊيگهه 23 کان 27 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 39 کان 42 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي، جڏهن ته وزن (بالغ پکيءَ جو) اٽڪل 190 کان 225 گرام ٿيندو آهي. جسامت ۽ ظاهري ڏيک ۾ هيءُ تتر گلابي سرخي مائل ميٽائي رنگ جي بخملي بدن، کنڀن ۽ ڦڪي رنگ جي هيٺاهين حصي سان ننڍي چڪور جهڙو لڳندو آهي. نر تتر جو مٿو نيراڻ مائل سرمائي رنگ جو هوندو آهي. هن جي اکين تي اڇي ۽ ڪاري رنگ جون ويڪريون پٽيون ٿين ٿيون، جيڪي اڳينءَ ڪلنگيءَ کان ويڪريون ۽ اک جي پٺئين پاسي کان سوڙهيون ٿينديون آهن. هنن جي ڪنن جو هيٺيون حصو ڪاراڻ مائل سليٽي رنگ جو، ڳچيءَ جا ٻئي پاسا اڇي ۽ سليٽي رنگ جي ننڍن ٽٻڪن سان ڀريل، ڇاتيءَ جو مٿيون حصو معمولي گهرو گلابي ۽ پيٽ جو هيٺئين حصي کان ويندي ڪک ۽ پاسن تائين، ڊگهائيءَ ۾ عمودي ڪارين حاشين سان سرخي مائل ملائي رنگ جو ٿيندو آهي. ڪاري رنگ جون هي لڪيرون افقي سطح تي وڌيڪ چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. مادي سيسي تتر جو رنگ ڪلنگيءَ وٽان ڳاڙهاڻ مائل ڀورو، پٺيون پاسو آرپار ليڪن کانسواءِ سليٽي رنگ جو، نڙگهٽ ۽ ڳچيءَ جا ٻئي پاسا اڇا ۽ گهري سليٽي داغن سان، ڇاتي گلابي ميٽائين رنگ جي، جنهن تي نر جي مقابلي ۾ ماديءَ کي ڪک تائين ليڪون گهٽ هونديون آهن. مادي تتر کي دنب وٽ هڪ نمايان ڪاري ليڪ هوندي آهي. نر ۽ مادي ٻنهي جي چهنب، ڄنگهون ۽ چنبا تيز گيڙو رنگ جا ٿين ٿا ۽ اک جي پتليءَ جو رنگ چمڪيلو پيلسرو هوندو آهي. آرام جي وقت هيءُ پکي ننڍن گولائي دار پرن کي گهڻي ڀاڱي بازو پوش ۾ لڪائي ويهندو آهي. ساڳيءَ ريت ننڍي گولائين پڇ کي پڻ ڍڪي ويهندو آهي، پر اڏام وقت سندس پڇ مسلسل نظر ايندو آهي.

سيسي تتر
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ايموپرڊڪس
جنس: Template:Taxonomy/ايموپرڊڪس{. گرسيئوگيولرس
حياتياتي نالو
ايموپرڊڪس گرسيئوگيولرس
جوھان فريڊرڪ وان برينڊٽ, 1843

سيسي تترن جو وڏو انگ بلوچستان جي مٿانهن علائقن، سنڌ ۾ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ٻين غيرآباد جابلو علائقن، پنجاب ۾ لوڻ جبلن ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪوٽاهه جي ڏکڻ طرف سخت جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هي پکي، ڪراچي (گڏيجي آبشار) جي اتر اولهه ۾ موجوده کيرٿر جبل ۽ ان سان لاڳاپيل سلسلي جو مقامي پکي آهي. ان کانسواءِ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقي نوشڪيءَ (nushki) جي آسپاس ۽ بلوچستان جي اولهه طرف جابلو علائقي ٽوباڪاڪڙ (Tobakakar) ۾ ڪثير تعداد ۾ ملن ٿا. هن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهو گهرن ۾ پاليندا آهن.

حوالا سنواريو

  1. بقرة