سيسر (In Romanized Sindhi: Seesar) يا سيسار (In Romanized Sindhi: Seesar) واڳون جو هڪ قسم آهي. هن واڳون جو هي قسم سنڌ مان هاڻي ختم (Extinct) ٿي چڪو آهي. هن قسم جي واڳون سنڌ ۾ هڪڙو ئي بچيو هو، جنهن کي سنڌ ۾ 1953ع ۾ ناٿي پٽيل، ڍوري ناري ڀرسان بندوق هڻي ماري وڌو هيو، ان کانپوء واڳون جو اهو نسل سنڌ مان ختم ٿي ويو.

  • شاهه عبدالطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ سيسر واڳون جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي.
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ!
ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛
مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي.
(شاهه)

[1]