سيريز (Ceres) اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ڄامڙو گرھ Dwarf planet مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود اپگرھ (سيارچن) جي واٽ Asteroid Belt ۾ موجود آھي. سڀني کان ننڍو ھجڻ باوجود ھڪ معمو (Mystery) آھي. ھن جو نالو سيريز CERES آھي.

سيريز
Ceres ⚳ سيريز جو نشان
Ceres - RC3 - Haulani Crater (22381131691).jpg
سيريز جو قدرتي رنگن ۾ منظر. ڦوٽو ڊان خلائي جھاز تان مئي 2015 ۾ ورتل.[lower-alpha 1]
دريافت[1]
دريافت ڪيوGiuseppe Piazzi
دريافت ٿيڻ جي تاريخ1 جنوري 1801
نالي جي وضاحت
سيارچي جو تعارفي نالو(1) Ceres
اچار/ˈsɪərz/
نالي جو پسمنظرسيريز
اضافي يا عارضي نالوA899 OF; 1943 XB
سيارچي جي آباديبندرو سيارو
سيارچن وارو پٽو
نالي جون صفتونCererian /s[unsupported input]ˈrɪəriən/,
rarely Cererean /sɛr[unsupported input]ˈrən/[2]
مدار جون وصفون [4]
تاريخي زمانو (فلڪيات)Epoch 2014-Dec-09
(JD 2,457,000.5)
ايفي ھيلن2.9773 AU
(445,410,000 km)
پيري ھيلن2.5577 AU
(382,620,000 km)
اڌ وڏو محور2.7675 AU
(414,010,000 km)
مدار جي بي قائدگي0.075823
4.60 yr
1,681.63 d
سائنوڊڪ مدو466.6 d
1.278 yr
مدار جي سراسري رفتار17.905 km/s
سراسري ۾ غلطي95.9891 °
مدار ۾ لاٿ10.593 ° to ecliptic
9.20° to invariable plane[3]
بلندي يا چڙھائي80.3293 °
72.5220 °
مناسب مدار جا عنصر[5]
اڌ وڏو مدار2.7670962 AU
مناسب مدار جي بي قائدگي0.1161977
مناسب لاٿ9.6474122 °
مناسب حرڪت جي سراسري78.193318 deg / yr
مناسب مدار جو عرصو4.60397 yr
(1681.601 d)
پيريھيلين54.070272 arcsec / yr
چڙھائي جي بلندي−59.170034 arcsec / yr
طبعي وصفون
ماپ جوڳا پاسا(965.2 × 961.2
× 891.2) ± 2.0 km[6]
نيم قطر جي سراسري473 km[6]
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
2,770,000 km2[7]
مقدار421,000,000 km3[7]
وزن 9.393±0.005×1020 kg[6]
0.0001Earths
0.0128 Moons
گھاٽائي2.161±0.009 g/cm3[8]
سطحي ڪشش ثقلسانچو:Gr m/s2[7]
0.029 g
0.37[9][lower-alpha 2] (estimate)
Equatorial escape velocity
سانچو:V2 km/s[7]
نجمي مدو0.3781 d
9.074170±0.000002 h[10]
استوائي ڦيرو ۽ رفتار92.61 m/s[7]
محوري ٽيڏ[11]
اتر قطب ۽ درست چڙھائي291.42744°[12]
اتر قطب ۽ قطبي لاٿ66.764°[11]
جاميٽري وارو البيڊو0.090±0.0033 (V-band)[13]
Surface temp. min mean max
Kelvin ≈ 168 K[17] 235 K[18]
روشني جي رنگن جا قسمC[14]
مطلق قدقامت ۽
نظام شمسي
3.34[4]
ڪنڊائتي ماپ0.854″ to 0.339″
  1. Schmadel, Lutz (2003). Dictionary of minor planet names (5th ed.). Germany: Springer. p. 15. ISBN 978-3-540-00238-3. https://books.google.com/?id=KWrB1jPCa8AC&pg=PA15. 
  2. Simpson, D. P. (1979). Cassell's Latin Dictionary (5th ed.). London: Cassell Ltd. p. 883. ISBN 978-0-304-52257-6. 
  3. "The MeanPlane (Invariable plane) of the Solar System passing through the barycenter". وقت 14 May 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 April 2009.  (produced with Solex 10 آرڪائيو ڪيا ويا 29 April 2009 at WebCite written by Aldo Vitagliano; see also Invariable plane)
  4. 4.0 4.1 "1 Ceres". JPL Small-Body Database Browser. وقت 4 August 2012 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 January 2015. 
  5. "AstDyS-2 Ceres Synthetic Proper Orbital Elements". Department of Mathematics, University of Pisa, Italy. وقت 5 October 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 October 2011. 
  6. 6.0 6.1 6.2 "05. Dawn Explores Ceres Results from the Survey Orbit" (PDF). وقت 5 September 2015 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 Calculated based on the known parameters
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Lakdawalla1112
  9. 9.0 9.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Park2016
  10. Chamberlain, Matthew A.; Sykes, Mark V.; Esquerdo, Gilbert A. (2007). "Ceres lightcurve analysis – Period determination". Icarus 188 (2): 451–456. doi:10.1016/j.icarus.2006.11.025. Bibcode2007Icar..188..451C. 
  11. 11.0 11.1 "Asteroid Ceres P_constants (PcK) SPICE kernel file". حاصل ڪيل 5 November 2015. 
  12. Konopliv, A.S.; Park, R.S.; Vaughan, A.T.; Bills, B.G.; Asmar, S.W.; Ermakov, A.I.; Rambaux, N.; Raymond, C.A. et al. (2018). "The Ceres gravity field, spin pole, rotation period and orbit from the Dawn radiometric tracking and optical data". Icarus 299: 411–429. doi:10.1016/j.icarus.2017.08.005. Bibcode2018Icar..299..411K. http://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S001910351730341X. 
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Li2006
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Rivkin2006
  15. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Pasachoff1983
  16. APmag and AngSize generated with Horizons(Ephemeris: Observer Table: Quantities = 9,13,20,29) آرڪائيو ڪيا ويا 5 October 2011 at WebCite
  17. Angelo, Joseph A., Jr (2006). Encyclopedia of Space and Astronomy. New York: Infobase. p. 122. ISBN 978-0-8160-5330-8. 
  18. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Saint-Pe1993

1 جنوري 1801ع تي اٽلي جي ماھر فلڪيات گيوسيپي پيازي Giuseppe Piazzi ھن اپگرھ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1772ع ۾ جان ايلرٽ بورڊ John Elert Board اھو اُڊڪو ظاھر ڪيو تہ مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪو گرھ ٿي سگھي ٿو. جنھن جي ڳولھا اڃان نه ٿي آھي. 1800ع ۾ 24 تجربيڪارن جي ھڪ ٽولي ٺاھي وئي. جن کي نئين گرھ جي ڳولھا جو ڪم ڏنو ويو. ھن ٽيم گھڻا ئي گِرهڙيا يا ڳرَھِڙِيا يا شھاب ثاقب (Asteroids) جانچيا پر ڪا اھڙي شئي نه ملي، جنھن کي گرھ جو نالو ڏئي سگھجي. ان کان پوء گيوسيپي پيازي کي ان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. دعوت کان پھريائين 1 جنوري 1801ع تي گيوسيپي ھڪ اھڙي شئي ڳولھي ورتي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنھن تاري وانگر ھئي. گيوسيپي ھن آسماني جسم کي 24 ڀيرا وري وري ڏٺو. ھن کي لڳو ته ڪو گِرهيڙيو يا ڳرهيڙيو (asteroid) آھي. 24 جنوري تي ھن پنھنجي ٻن دوستن کي خط لکي ھن جي ڄاڻ ڏني. ھن کي سيريز جو نالو ڏنو ويو. Ceres رومين جي ٻني ٻاري جي ديوي جو نالو ھو.

سيريز کي John Elert Board اھو غائب گرھ مڃيو آهي، جنھن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي. سيريز کي گرھ جو نشان به پڻ ڏنو ويو. ان زماني جي سڀني علمي ڪتابن توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ ھن کي گرھ جو درجو ڏنو ويو. ڪيترن ئي ورهين تائين ھي اسان جي نظام جو پنجون گرھ سڏجندو رھيو. جڏھن ھن جي اوسي پاسي ننڍين ننڍين شين جي کوج ٿيندي وئي ته 1802ع تي سر وليئم ھرشل انھن کي Asteroids جو نالو ڏنو . 1860ع تائين ويليئم جي وضاحت کي قبول ڪيو ويو. ڇو ته اسان وٽ گرھ جو ڪو خاص بيان ڪرڻ جو طريقو نه ھو.

پلوٽو جي ڳولھا کان پوء ھڪ ڀيرو ٻيھر سيريز گرھ جي لسٽ ۾ اچي ويو. ڇو ته ان وقت تائين گرھ جي وضاحت لاء ٻه نڪتا ھئا.

1. شئي وٽ ايترو ماس ۽ پاتال ڇَڪَ (گريوٽي) ھجي، جنھن سان ھن جو آڪار لڳ ڀڳ گول ٿي وڃي. 2 . اهو آسماني جسم، جيڪو ڪنھن تاري جي چوڌاري ڦرندو ھجي، جڏھن ته ھو پاڻ تارو يا ڪنھن گرھ جو چنڊ نه ھجي.

سيريز انھن شرطن کي پورو ڪندي ٻيھر گرھ بڻجي ويو. 24 آگسٽ 2006 ۾ ھن وضاحت کي وڌايو ويو ۽ ان ۾ ھڪ نڪتو اڃان شامل ڪيو ويو.

3. ڪنھن بہ آسماني جسم کي تڏھن گرھ مڃيو ويندو جڏھن اھو ايترو وڏو ھجي جو پنھنجي حفاظت ڪري سگھي.

ان آخري نڪتي تي سيريز پورو نه لٿو، ڇو ته سيريز سان گڏ پٿرن جي وھڪري جا لکين پٿر به ھن سان گڏ سج جو چڪر ھڻن ٿا. ايئن سيريز ۽ پلوٽو ٻئين 24 آگسٽ 2006ع تي گرھ جي ڀيٽ يا فھرست کان ٻاھر ٿي ويا. انھن لاء ھڪ نئون نالو ڄاڙو گرھ Dwarf planet آندو ويو.

سيريز 21 ھين صديءَ تائين ڪيترن ئي مرحلن کان گذريو . اڄ اسان ھن کي ڄامڙو يا بندرو گرھ مڃون ٿا. سيريز اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ويجھو ڄامڙو گرھ آھي. سج کان لڳ ڀڳ 413،700،000 ايڪيتاليھ ڪروڙ ستٽيھ لک ڪلو ميٽر پري آھي. پٿرن جي وھڪري ۾ موجود سيريز ھڪ چڪر 1680 ڏينھن يعني 4.61 سال ۾ پورو ڪندو آھي. سيريز تي ھڪ ڏينھن 9 ڪلاڪ چار منٽ جو ٿيندو آھي. ھن جو ڊائيا ميٽر 950 ڪلو ميٽر آھي. جسامت جي ڳالھ ڪجي ته سڄي ڳڙهيڙي جي وھڪري جو 1/3 ٽيون حصو آھي.

جيڪو اسان جي چنڊ جو رڳو چار سيڪڙو آھي. سيريز جي بنياد پٿريليو آھي. ھن جي بنياد جي مٿان برف جي 100 ڪلو ميٽرن جو تھ آھي. ھن ۾ 200 ڪيوبڪ پاڻي ڄميل آھي، جيڪي اسان جي ڌرتي جي پيئڻ جي پاڻي جا ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ آھي.

ھن جو مٿاڇرو Iron rich minerals، ڪاربونيٽ منرلس ۽ اھڙن انيڪ ھائيڊريٽ منرلن سان ٺھيل آھي، جيڪي ھن جي اندر پاڻي ھجڻ جا مضبوط اشارا ڏين پيا. ھن جي وايو منڊل ۾ گھڻي مقدار ۾ Water Vaper ھجڻ جون ثابتيون ملن ٿيون. سيريز جي مٿاڇري جي گرمي پڌ 1991ع ۾ ماپيو ويو جيڪو ڪاٽو 38 ھو. ھتي گرمي پڌ ايترو آھي جو جو زندگي سولائي سان جنم وٺي سگھي ٿي.

ڇا سيريز جي اتاھ اونھائين ۾ حياتي ساھ کڻي پئيسنواريو

27 سيپٽمبر 2007 تي ناسا 4 ويسٽا ۽ سيريز جي اڀياس لاء Dawn خلائي مشن موڪليو. 6 مارچ 2015 تي ھي سيريز جي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو. ھن سيريز جي چمڪندڙ علائقن جي جانچ پڻ ڪئي. 2016ع تي ناسا دعوا ڪئي ته سيريز تي چمڪندڙ علائقن جي ڪارڻ اڪيلي ۽ وڏي ٻرندڙ يا ڦاٽندڙ جبل جي باھ ٿي سگھن ٿا. اهو ٻرندڙ جبل 4 ڪلو ميٽر آھي. جنھن مان ڄميل برف ، امونيا ۽ ڪيئي لوڻ ٻاھر نڪرندا آھن، جيتوڻيڪ ٻاھر نڪرندي ئي ڄمي ويندا آھن.

سيريز اسان جي نظام شمسي جو اھو اڪيلو ڄامڙو گرھ آھي، جنھن کي چنڊ نه آھي. ڪنھن وقت ھن کي جيولوجيڪل مئل چيو ويو، پر ھاڻي اسان کي خبر آھي تہ ھي ٿورو ئي سھي پر جيئرو آھي. اھا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي جو اسان سيريز ڏي ڌيان ڏيون پيا ھن کان اسان کي ڪائنات جا ڪيترائي راز پڻ ملي سگھن ٿا. ان لاءِ جو ھي سج منڊل جي حيران ڪندڙ جاين مان ھڪ آھي. [1]


حوالاسنواريو

  1. سائنس جي دنيا، ليکڪ: ظھور احمد


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو، يا پوءِ بند </ref> کٽل آھي