سيد محمد راشد
هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
هن مضمون'جو ڍنگ يا انداز انسائيڪلوپيڊيا ڍنگ تي استعمال ڪيل وڪيپيڊيا ڍنگ جي عڪاسي نٿو ڪري.. |
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
نالو ۽ نسب: سندن نالو سيد محمد راشد بن محمد بقا شاهه لقب روضي ڌڻي ۽ ڪُنيت اَبو ياسين آهي. سندن جَدِ اعلي سيد علي مڪِّي هاشمي رح چوٿين صدي هجريءَ ۾ اسلام جي دعوت خاطر عرب ملڪ کان سنڌ ۾ آيا هئا. سندن سڪونت سنڌو درياءَ جي ڪناري سيوهڻ ويجهو جبلن جي دامن ۾ هئي، جيڪو بعد ۾ لڪِ علي يا لڪِ علوي جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سندس پشت ۾ هڪ عارف، ڪامل ولي، وقت جو غوث ڇهين، ستين هجريءَ ڌاري پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سيد محمد احمد هو. هيءُ ئي اهو بزرگ آهي جنهن جو لقب صدرالدين عرف شاهه صدر آهي ۽ هن الله تعالى جي پياري ٻانهي جو اهو مقام آهي، جو چشتي سلسلي جو اڳواڻ خواجه معين الدين اجميري رح جڏهن پنهنجي مرشد خواجه عثمان هاروني رح سان گڏ سيوستان جي سفر دؤران وٽن لڪِ عليءَ ۾ آيو آهي، ته سندن مقام ۽ مرتبت کي ڏسي اتي ئي ڪجهه ڏهاڙا سندن صحبت، خدمت ۾ گذاري فيض ۽ برڪت جو ڀاڱو وٺي پوءِ اڳتي روانو ٿيو آهي. ان بزرگ هستيءَ سان سترهين واسطي تي پير سائين قدس سرھ جن جو سلسلهء نسب ملي ٿو ۽ ويهين واسطي سان سيد علي مڪي قدس سرھ سان ۽ اوڻٽيهين واسطي سان امام علي رضا بن امام موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين ابنِ سيده فاطمة الزهراء رضوان الله تعاليٰ عليهم بنتِ سيدنا ونبينا مُحَمَّد مصطفى صلي الله عليہ وآلہٖ وسلَّم سان وڃي ملي ٿو.
ولادت: سلسلي قادريه راشديه جو سالارُ هدايت ۽ حقيقت جو چمڪندڙ سج پهرين شعبان/ رمضان سنه 1171 هجريءَ ۾ هن سرزمين تي جلوه افروز ٿيو. سندن ولادت ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي ۾ ٿي. روايت آهي، ته پاڻ اڃان هڪ مهيني جا هئا، ته ماهِ رمضان آيو، يا ماه رمضان ۾ ئي سندن ولادت ٿي، ته رمضان ۾ سڄو ڏينهن امڙ سانئڻ جو کير ڪونه پيئندا هئا. غالباً انهيءَ ئي سندن ٻارائپ جي ڪرامت سبب کين ”روزي ڌڻيءَ“ جو لقب مليو، جيڪو اڳتي هلي سندن مزار مبارڪ تي نئين روضي تعمير ٿيڻ سان ”روضي ڌڻيءَ“ جي لقب ۾ مشهور ٿيو. سندن ولادت جي حوالي سان هڪ ٻئي روايت ۾ آهي، ته جڏهن پاڻ ڄاوا ته سندن والد گرامي سيد محمد بقا شاهه شهيد رح پنهنجي مرشد مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي (پريالوءِ) رح جن کي دعوت ڪري پنهنجي ڳوٺ وٺي آيا. جڏهن مخدوم سائينءَ جن وٽ ننڍڙي صاحبزادي کي دعا طلبيءَ واسطي پيش ڪيو ويو، ته مخدوم سائينءَ جن نظر پوڻ سان ئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ خوشيءَ مان فرمايائون، ته ”هي اهو يار آهي، جنهن کان دنيا جو هڪ وڏو حصو فيضياب ٿيندو.“ يقيناً مخدوم سائين جن جي اها پيش گوئي حرف به حرف سچي ثابت ٿي.
تعيلم ۽ تربيت: جڏهن پاڻ تعليم پرائڻ جهڙا ٿيا، ته پنهنجي شفيق ۽ مهربان والد بزرگوار جي حڪم جي تعميل ڪندي، پوري شوق ۽ دلچسپيءَ سان علم جي حصول ۾ لڳي ويا. پاڻ ابتدائي تعليم حافظ زين الدين مهيسر رح ۽ ميان محمد اڪرم گهمرو رح وٽ حاصل ڪيائون، بعد ۾ وقت جي نامور عالم، ولي، عارف بالله، حاجي فقير الله علوي رح وٽ شڪارپور ۾ پڙهيا. اتان پوءِ ڪوٽڙي ڪبير ضلعو نوشهرو فيروز ۾ مخدوم مخدوم ميان يار محمد رح وٽ علم جي تحصيل ڪيائون. مقرر نساب جي تڪميل کان پوءِ لاڙڪاڻي لڳ آريجن ۾ ان زماني جي محدث مخدوم محمد آريجوي رح جن وٽ حديث پاڪ جا مٿيان ڪتاب مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائون.
طريقت ۾ قدم: پاڻ جڏهن اڃا ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم ميان يارمحمد رح وٽ (ظاهري علم) جي تحصيل ۾ مشغول هئا، ته هڪ دفعي سندن والد سيد محمد بقا شاهه شهيد رح ملاقات لاءِ اتي آيو. هن ڀيري سندن تعليمي حال احوال کان آگاهي وٺڻ بعد سلسلي نقشبنديه جي ذڪر جي تلقين ڪري کين طريقت جو سبق ڏئي ويا. پوءِ جڏهن ٻئي ڀيري پاڻ آيا، ته ذڪر جي مشغولي ۽ ڪنهن ڪيفيت حاصل ٿيڻ بابت پڇا ڪيائون ان تي کين عرض ڪيائون، ته مون تي ڪا اهڙي ڪيفيت يا اثر ظاهر ڪونه ٿيو آهي، البته سندن ڀاءُ سيد علي مرتضيٰ شاهه، جيڪو ساڻن گڏ پڙهندو هو، تنهن تي خاصو اثر ۽ ڪيفيت تاري ٿي هئي. ان تي محمد بقا رح کين وري سلسلي قادريءَ جو ذڪر ڏئي ويا، پاڻ فرمائين ٿا، ته ان ذڪر کان طبيعت تي اهڙو اثر ٿيو، جو مٿي کان پيرن تائين وار وار ذڪر سان معمور ٿي ويو. انوارِ الاٰهي ۽ تجلياتِ قدسي سان ظاهر ۽ باطن روشن ٿي پئي.
خاص مهرباني: سيد محمد بقا شاهه شهيد رح کي سدائين اهو اونو رهندو هو، ته ظاهري علم جي تحصيل ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي ۽ غالباً انهيءَ خيال سان پڙهڻ دؤران وٽن پيا ايندا هئا. ۽ سندن علمي صلاحيتن کي پيا جانچيندا هئا، پر هاڻي جيئن ته طريقت جي راه گامزن ڪيو هيائون، تنهن ڪري انهن سبقن تي به خاص توجه ٿي ڏنائون. آخر انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن سندن ظاهري علم سان گڏ باطني عرفان جي حصول ۾ محويت شوق کي ڏٺائون، ته هڪ ڏينهن مٿن ڏاڍا راضِي ٿيا ۽ خاص خلوت ۾ کين گهرائي فرمايائون: بابا! اسان جي سلسلي ۾ ”قدم رکڻ“ جي روايت آهي، جيڪا محي الدين سيد عبدالقادر جيلاني قدس سرھ الاقدس کان هلندي آئي آهي، جو پنهنجن مريدن مان جنهن کان گهڻو خوش ۽ راضي ٿيندا آهن، ته سلسلي جي فيض ۽ برڪت جو قدم سندس مٿان رکندا آهن ۽ جيئن ته اهو قدم پنهنجي مرشدن حضرت سيد عبدالقادر آخرين (پير ڪوٽ سڌانا، ضلع جهنگ) چناهه وارن کان اسان تي آيل هو، هاڻي اسان جي دل جو لاڙو وري اوهان ڏانهن سرس آهي، تنهنڪري پنهنجي گردن ڏيو، ته اها امانت اوهان جي حوالي ڪيون. پوءِ پير سائين حضرت روضي ڌڻي قدس سرھ سندن آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪايو، ته پاڻ مٿن قدم رکي، خُدائي امانت جو اهو بار سندن سپرد ڪيو.
فيض جي پالوٽ: پير سائين قدس سرھ جن جڏهن ظاهري ۽ باطني عرفان جون منزلون طي ڪري، رُشد و هدايت جي مسند تي رونق افروز ٿيا، ته شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي ان روشن شمع جي قدمن ۾ هزارين پروانن ۽ پتنگن اچي سر جهڪايا. فيض ۽ فضل جو هڪ اهڙو آبِ حيات ڦٽو، جنهن لکين اڃايلن کي ابدي زندگي بخشي ڇڏي. سعادت ۽ سيادت جي هڪ اهڙي مُکڙي ٽڙي، جنهن جي هٻڪار کان هر هنڌ واسجي ويو. بلا شبه نه صرف سرزمينِ سنڌ، بلڪه ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان قلات ۽ قندار تائين، جيسلمير ۽ گجرات، ملتان ۽ مڪران سميت مُلڪان ملڪ سندن عقيدت ۽ ارادتمنديءَ ۾ بي حساب خلق جو پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان ناتو جڙي ويو ۽ پوءِ اها علم و عرفان جي آبياري رڳو پاڻ تائين محدود نه رکيائون، بلڪه سوين اهڙا ڪامل اڪمل، عارف عالم بڻايائون، جن سندن تعيلم ۽ فيض جون اهي درسگاهون ۽ خانقاهون آباد ڪيون، جيڪي اڄ سوڌو هزارين ڀٽڪيلن لاءِ روشنيءَ جو مينار آهن. رِوايت آهي، ته سندن اهڙن ڪامل خليفن جو تعداد تيرهن سَوَنِ کان به مٿي آهي، جيڪي سڀ ارشاد ۽ تلقين جا صاحب هئا، جن ۾ سندن مَسنَد نشين صاحبزادا سيد صِبۡغَتُ الله پير سائين تَجَرَ ڌڻي قدس سرھ جيڪي خليفة الله جي لقب سان مشهور آهن، سيد محمد ياسين شاهه قدس سرھ درگاهه ٺَلاهه، صاحبزاده سيد حسن شاهه درگاهه بکري، خليفو سيد محمد حسن شاهه درگاه سوئي ، جتان وري درگاهه ڀرچونڊي شريف آباد ٿي. خليفو محمود فقير نظاماڻي رح جامع (ملفوظات شريف)، خليفو محمد حسين مهيسر جامع (ملفوظات صغير)، خليفو سارنگ ڪلهوڙو، خليفو ميان الهرکيو ڪلهوڙو، خليفو اميد علي آمري وارو، خليفو محمد پناه، خليفو محمد لقمان ٽالپر، خليفو سيد خان ماباڻ وارو، خليفو نبي بخش لغاري رح سرِ فهرست آهن.
وصال: سندن وصال ٽيهٺ سالن جي عمر ۾ پهرين شعبان سنه 1234 هجري اڳوڻي درگاهه رحيم ڏنو ڪلهوڙو ۾ ٿيو ۽ اتي ئي سندن روضو هو، پر پوءِ سيد علي گوهر شاه اول پير سائين بنگلي ڌڻي وصال کان تقريباً ٻاونجاه سال پوءِ اتان هجرت ڪرائي نئين درگاهه تي آندو. روايت آهي، ته حضور صلي الله عليہ وآلہٖ وسلَّم جن جي طرفان خواب ۾ کين اهو حڪم مليو هو. ملفوظات شريف ۾ آيل آهي، ته پير سائين روضي ڌڻي رض جن جي وصال وقت حاويليءَ جا صاحب ۽ صاحبزادو ميان محمد صادق شاهه بيهوش ٿي ويا. حاضرين کي اها پڪ ٿي ويئي، ته شايد اهي به رحلت ڪري ويا، گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيا، تڏهن ظاهر ڪيائون، ته اسان جو روح سائينءَ جن سان الله جل جلالہٗ جي درٻار تائين گڏ ويو هو، اسان ڏٺوسين ته حضرت مرشد مربي الله جل جلا لہٗ جي درٻار ۾ سجدو ڪيو. درٻارِ خداوندي مان آواز آيو، ته اسان بي ادب ۽ ناشڪر دنيا وارن وٽ اوهان جو وڌيڪ رهائڻ پسند نه ڪيو ۽ پاڻ وٽ گهرايو. پير سائينءَ جن جي روح مبارڪ الله جل جلا لہٗ جو حمد ۽ ثناء ڪئي ۽ پوءِ عرض رکيو، ته مولاڪريم! ٽي عرض قبول پون، پهريون ته زمين وارن تي ڏڪر جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ برسات جي عنايت ٿيندي رهي. ٻيو ته منهنجي مسند تي ويهندڙ منهنجي اولاد حضور صلي الله عليہ وآلہٖ وسلَّم جن جي سنت جي متابعت سان گڏ فيض واري هجي. ٽيون ته منهنجي ابن ڏاڏن ۽ حق جي واٽ جي طالبن جا رُوحَ مون سان گڏجن، پوءِ الله جل جلا لہٗ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان ساڻن سندن عرض قبول ڪرڻ جو واعدو فرمايو.
تصنيف ۽ تاليف: پاڻ بيشڪ وعظ، نصيحت، تعليم و تربيت، عبادت و رياضت پنهنجي فياض توجه ۽ نظر سان ارادت ۽ عقيدت وارن سچن طالبن، مريدن جي ضرور رهبري ڪئي اٿن. نه صرف درگاهه، بلڪه سموري زندگي مسلسل سال جا نو مهينا سفر ڪري دور دراز انتهائي مشڪل ماڳن تي پهچي حبيب ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلَّم جن جي امت کي نيڪي ۽ خير جي دعوت ڏيندا رهيا آهن ۽ اهو فيض جنهن محبت ۽ شفقت، جذبي ۽ جهد سان پاڻ نڀايو اٿن، اهو سندن ذات سان ئي خصوصيت رکي ٿو. پر وري جڏهن سندن تصنيف ۽ تاليف ٿي ڏسجي، ته ان ميدان ۾ پاڻ سڀني کان اڳتي ۽ يڪتا نظر ايندا. پاڻ ڪيترو لکيو اٿن، ان جو صحيح اندازو ته ڪونهي، جو پير سائين تجر ڌڻي قدس سرھ جي عظيم ڪتب خاني ۾ روايت موجب موجود چاليھ هزار ناياب ۽ قيمتي ڪتاب انگريزن نابڪارن جي ڦرلٽ ۾ ضائع ٿي ويا. ان هوندي به جيڪي ڪجهه هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيو آهي، ان (ملفوظات شريف) آڌار ست ڪتاب سندن يادگار مليا آهن: مجمع الفيوضات، صحبت نامه، مڪتوبات شريف، آداب المريدين، شرح اسماءُاللهِ الحُسنى، جمع الجوامع، جامع سنڌي ڪلام.
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |