سيد شفقت حسين شاھ

نوابشاھ سنڌ جي نامورسياسي شخصيت سيد شفقت حسين شاھ سيد نذر شاھ جا فرزند ھيا.

حضرت خواجه ولي مودودي چشتي جي اولاد سادات ڪراني ڪوئٽه بلوچستان کان هجرت ڪري ڪافي تعداد ۾ سنڌ آيا. جن ۾ سيد شفقت حسين شاه جا وڏا به شامل ھيا.

سيد بهادر شاه ولد سيد فيض الله شاھ : سندن جو دور حيات تقريباً ً ( 1735ع) ھيو، سيد بهادر شاھ جا ٻه پٽ ھيا جن جا نالا سيد يعقوب شاھ پھريوم ۽ سيد نذرشاھ پھريوم ھيا، سيد شفقت حسين شاھ ولد سيد نذر شاھ ٻيون سيد نذر شاھ پھرين جي اولاد مان آهن سيد نظر شاھ پھرين جو دور حيات (1778ع) ھو.

سيد شفقت حسين شاھ (رھائش نواب شاھ) PS- 23 کان 28 فيبروري 1985ع کان 30 مئي 1988ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، يارھين قومي اسيمبلي 15 - 02 - 97ع کان 12 - 20 - 1999ع تائين رهيا، فيبروري 1997ع تي NA-160- نواب شاھ کان (PML-N) جي سيٽ تان 37951 کڻي ڪامياب ٿيا، PML(N) جي ٽڪيٽ تي آصف علي زرداري جي ڀيڻ PPP جي فريال ٽالپر کي هارائي ڪري ڪاميابي حاصل ڪيائون، سنڌ سيد ايسوسي ايشن جا لائف ٽائيم ممبر به هيا. ھي خاندان ٽن پيڙھين کان سنڌ جي سياست ۾ اهم مقام تي آهي.

لاڳاپيل مضمون سنواريو

  • سيد خير شاھ- 1937ع تي ميمبر آف سنڌ ليجيسليٽو اسيمبلي
  • سيد نظر شاھ- 1962ع تي ميمبر پراوينشل سنڌ اسيمبلي ويسٽ پاڪستان رهيا

حوالا سنواريو