سيد ثابت علي شاھ

ثابت علي شاه

ولد: مدار علي شاھ

ڄم جو سال 1740ع

وفات جو سال 1810ع

مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو.[1] [2]هو اصل ملتان جو هو ۽ سنه 1153ھ ۾ اُتي ڄائو هو. هو مدار علي شاه جو پٽ ۽ نور محمد شاه جو پوٽو هو. نواب اعظم خان سان گڏ سنڌ ۾ آيو، ۽ جڏهن هو موٽي ويو، تڏهن هيءُ سيد سيوهڻ ۾ رهجي پيو ۽ قلندر شهباز جي درگاه تي ويندو رهيو. پوءِ سندس والد مدار علي شاه ۽ ڀاڻس پريل شاه به آيا ۽ اچي ساڻس گڏ رهيا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ هوشيار هو ۽ فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ لڳو، خصوصاً مرثيا ۽ منقبت. ڪلهوڙا حڪام هن کي لوازمو پهچائيندا هئا ۽ ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن مير آيا، تڏهن اُهي به ساڳي نوازش مٿس ڪندا رهيا. مير ڪرم علي خان وٽ هُو برک هو. سُني ملن سان گهڻا جهيڙا ڪيائين. سنه 1325ھ ۾ 27 تاريخ جمادالثانيءَ جي وفات ڪيائين ۽ سيوهڻ ۾ رکيو ويو. هن کي ٻه پٽ هئا: هڪڙو امداد علي شاه ۽ ٻيو احسان علي شاه. امداد علي شاه جو اولاد اڃا به هليو اچي ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي رهندڙ آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. "ثابت علي شاهه ڪربلائي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-02-22. 
  2. سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17209&BookTitle=Sindhi%20Boli%20Ja%20Sindhi%20Sarjanhaar%20Shair. 
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو