سيد بدرالدين بکري

سيد بدر الدين بن سيد محمد مڪي :(انگريزي: Syed Baderuddin) به بکر ۾ رهندو هو. سيد جلال الدين سرخ بخاري رح بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ بخارا کان ملتان پهچي شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ملتاني رح کان خرقو خلافت حاصل ڪري بکر ۾ اچي رضوي ساداتن جي ويڙهي ۾ قيام فرمايو پر بکر جي رضوي سيدن کين سيد مڃڻ کان انڪار ڪيو. هڪ رات سيد بدر الدين کي حضرت رسول اڪرم عليه الصلوات والسلم ارشاد فرمايو ته پنهنجيءَ نياڻيءَ جو نڪاح سيد سرخ بخاريءَ سان ڪيو، جو هو منهنجي نسل مان آهي. صبح ٿيڻ سان سيد بدر الدين پنهنجيءَ نياڻي جي شادي سيد سرخ بخاري سان ڪرائي، جنهن جي بطن مان سيد بخاريءَ کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد بهاء الدين، (3) سيد محمد- سيد جلال الدين مهانيان جهان گشت سيد احمد ڪبير جو فرزند هو. سنڌ جا سومرا جيڪي اڳ اسماعيلي هئا ۽ سما سيد جلال الدين جهانيان جا مريد ٿيا. سيدجلال الدين سرخ بخاري ڪجهه وقت بکر ۾ رهڻ کان پوءِ اچ ۾ قيام فرمايو ۽ سندن مزار به اتي آهي[1].[2] .

سيد بدرالدين
پيدائش بکر
مدفن بکر
ٻار ٻچا سيد احمد ڪبير
سيد بھاء الدين
سيد محمد
ماءُپيءُ سيد محمد مڪي

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم- صوفيه 395 معارف اعظم ڳڙه. ref>
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ