سيد امتياز علي تاج
سيد امتياز علي تاج لاهور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ اک کولي. سندس ولادت 1900ع ۾ ٿي. سندس والد شمس العلماء سيد ممتاز علي بلند پايي جو عالم دين هو ۽ اردو ادب جي واڌاري لاءِ پيش پيش هو. تعليم لاهور مان ئي حاصل ڪيائون. پاڻ مشهور ڊرامه نويس ٿي گزريو آهي. سندس مشهور ڪتاب انار ڪلي، چچا چکن، قرطبه جو قاضي ۽ ٻيا ڪيترائي آهن. سندس وفات لاهور ۾ ٿي. سن وفات 1970ع آهي.