سيدالنساء بيگم
سيد النساء بيگم ھوءَ شيخ قاضي بدرالدين احمد جي نياڻي ھئي. ھن جو ڏاڏو، مغلن جي عھد ۾، ”قاضي“ جي عھدي تي ھو. ھن جي ماءُ، ”محمدي جان“ يا ”عباسي بيگم“، شيخ امان الله قريشي پاني پٽ واري جي ڌيءَ ھئي، جا پاڻ ڏاڍي قابل ۽ شاعر زال ھئي . ھوءَ سن 1685ھه (1727ع)۾ ڄائي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھن جا مائٽ غريب ھئا. ھن جي ماءُ بيمار ٿي پيئي. ميرٺ ڏي ماءُ سان گڏ ويندي، نديءَ ۾ ڪري پيئي. ھن لاءِ ماڻھو ٽپايائون. ڏاڍيءَ مشڪلات سان ھوءَ، جيئري، نديءَ جي ڪناري تي لُڙھي اچي نڪتي. اُتي رھي، ھن تعليم حاصل ڪئي. پوءِ ھوءَ پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ ھلي وئي. سندس ماءُ سبڻ ڀرڻ تي گذران ڪندي ھئي. سن 1692ھه ۾ ، ھوءَ زناني نارمل اسڪول ۾ داخل ٿي. اتي ھن جي استاد ”فاطمه سلطان بيگم“، مزرا فرخ جي ڌيءَ، ھئي. گھڻيو امير زاديون نوابزاديون انھيءَ مدرسي ۾ پڙھنديون ھيون . انھن جي وچ ۾ سيد النسا بيگم پڙھي ھوشيار ٿي، ۽ شعر به چونڊي ھئي، جنھن ۾ ھن جو تخلص ”خفي“ ھو. سن 1878ع ۾ ھن جي شادي، سندس استادن جي معرفت، پاڻي پٽ ۾ حڪيم خواجه جعفر حسين سان ٿي، جو پاني پٽ جو رئيس ھو، ۽ شاعر به ھو. شاديءَ کان پوءِ اگرچ ھوءَ مدرسي ۾ نه پڙھندي ھئي، مگر زالن جي تعليم لاءِ ھميشه ڪوشش ڪندي ھئي، ۽ اخبارن ۾ توڙي ڪتابن ۾ مضمون لکندي رھي، ۽ تقريرون به ڪندي ھئي. سنه 1892ع تائين حيات ھئي..[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {رسالو: سرتيون؛ مئي 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}