سياچن گليشيئر:Siachen Glacier: सियाचिन ग्लेशियर:ھماليہ جبلن ۾ اوڀر جي قراقرم جبلن جي قطار ۾ لائين آف ڪنٽرول تي واقع آھي [1] سياچن سمنڊ جي سطح کان18000 فٽ بلند آھي. پاڪستان طرفان چين جي حوالي ڪيل 4500 چورس ڪلوميٽر علائقو ۽ 1962 ۾ ڀارت ۽ چين وچ۾ جنگ ۾ قبضي ۾ آيل لداخ جا 3800 چورس ڪلوميٽرن جي اٿائيچن جي علائقي جي وچ۾ واقع آهي. ھن علائقي ۾ بلند چوٽيون سالتورہ ڪنگري، سپا ڪنگري ۽ الپساراس پڻ ان علائقي م واقع آھن.

سياچن گليشيئر

سياچن گليشيئر جي سيٽلائيٽ ذريعي نڪتل تصوير
اوچي سطح
بلندي [اوزا تبديل: needs a number]
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
مقانيت
جاگرافي
جڳهه قراقرم جبلن جي قطار
انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪراري علائقو
ارضيات
جبل جو قسم جابلو گليشيئر
گليشيئر جو منظر

سياچن جو تڪرار سنواريو

1949 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيز فائر لائين معاھدي ۾ جيڪو نقشو ڪڍيو ويو ان ۾ اتر طرف آخري حدبندي N-9842 تائين ڪئي وئي.ان لائين پٺيان وري علحده حدبنديون ڪيون ويون پر جيڪو اتر طرف گليشيئر طرف علائقو ھو ان جي حد بندي جو تعين اڃا نہ ٿيو ھو.پاڪستان جي دعوا آھي تہ سياچن گليشيئر اترين علائقن جو حصو آهي جنھن تي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان جو انتظامي ضابطو آھي.1962 ۾ پاڪستان ۽ چين ۾ سرحدي معاھدو ٿيو جنھن ۾ ٻنھي ملڪن پنھنجون سرحدون قراقرم تائين طئي ڪيون ويون ۽ سياچن وارو علائقو پاڪستان جي ڪنٽرول وارو علائقو ٿيو پر انڊيا ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو باوجود ان جي تہ انڊيا جي وزيراعظم جواھر لال نھرو لوڪ سڀا ۾ 7 مئي 1962 ۾ ۽ 3 مارچ 1963 ۾ واضح ڪيو تہ قراقرم جي اولھ وارو حصو پاڪستان جو آھي ۽ شملا واري معاھدي تي بہ ان ئي بنياد تي دستخط ٿيا. ڀارت اپريل 1984 ۾ ميگھادوت جي ڪوڊ جي نالي سان ايئر موبائل آپريشن شروع ڪيو ۽ خاموشيءَ سان اھم پھاڙي درن تي قبضو ڪري ڪمار ون ريجمينٽ جي ھڪ يونٽ کي اڳتي وڌايو ۽ خفيہ ميگھادوت آپريشن شروع ڪيو ۽ سڀني معاھدن جون خلاف ورزيون ڪندي مستقل چوڪيون قائم ڪري ورتيون. پاڪستان کي جيئن خبر پئي تہ فوجي دستا اوڏانهن روانا ڪيا ڀارت ٽن مان ٻن اھم درن سپالا ۽ بلفونڊلا تي قبضو ڪري چڪو ھو ۽ پاڪستان گيانگ لا دري تي قبضو ڪيو. سيپٽمبر 1987 ۾ بلفونڊلا دري جي علائقي ۾ شديد فوجي جھڙپون ٿيون ۽ ٻنھي ملڪن نفري ۾ اضافو ڪيو ۽ چوڪين جو تعداد وڌائي ڇڏيو.

حوالا سنواريو