سوڌا مورتي

هندستاني اديب، پرمارٿي (انسان دوست)، ليکڪا

سوڌا مورتي (انگريزي ٻولي: Sudha Murty) ڪنڙ ٻولي جي ڀارتي اُستادياڻي ۽ ليکڪا آهي. هن پنهنجي ڪُرت واري زندگي جي شروعات ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجيئرنڱ ۾ ڪئي. هيءَ انفوسس فائونڊيشن جي چيئرپرسن ۽ گيٽس فائونڊيشن جي رُڪن (ميمبر) آهي.[1][2] هن ڪيترا ئي اناٿ آشرم (آرفنيج) قائم ڪيا آهن، هيءَ ڳوٺاڻي ترقياتي ڪمَ ۾ سرگرم رهي آهي ۽ ڪرناٽڪ جي ودياشالن (اسڪولن) ۾ ڪمپيوٽر ۽ لائبريري جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ هيءَ لاڳاپيل تحريڪُن ۾ سهڪار ڪندي رهندي آهي. هن هارورڊ يونيورسٽي ۾ ‘دي مورتي لائبريري آف انڊيا‘ جي نالو سان هڪ لائبريري بڻائي آهي.[3][4][5] هن ڪرناٽڪ جي ودياشالائن (اسڪولن) ۾ ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر) کي عام ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي آهي. هيءَ پاڻ ڪمپيوٽر سائنس پڙهائيندي آهي. 1995ع ۾ کيس روٽيري ڪلب بنگلور طرفان بهترين اُستاد ايوارڊ (بيسٽ ٽيچر ايوارڊ) مليو. کيس هڪ بهترين سماجي ڪرمچاري طور سُڃاتو ويندو آهي. هيءَ انگريزي ۽ ڪنڙ ٻولين ۾ لکندي پڻ آهي. هن ڪنڙ ٻولي ۾ هڪ ناول ڊالر سوسي (سنڌي:نُهنُ، انگريزي، ڊالر ڊاٽر اِن لا) لکيو جنهنکي پوءِ انگريزي ۾ ڊالر نُنهن جي نالو سان ترجمو پڻ ڪيو ويو. 2001ع ۾ زي ٽي وي ان ناول جي ڪهاڻي تي هڪ ٽي وي سلسلو پڻ بڻايو.[6] انهن سڀني کانسواءِ هن پاران هڪ مراٺي ٻولي جي فلم پترورون ۽ ڪنڙ ٻولي جي هڪ فلم پرارٿنا ۾ پڻ اداڪاري پڻ ڪئي آهي. ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي 11هون سيزن ۾ آخري هفتو جي ڪرم وير ايپيسوڊ پڻ آئي هئي.

سُوڌا مُورتي
پيدائش سوڌا مولڪرني
آگسٽ 1950 (عمر 73 سال)
سولگائي، جمخندي،ڪرناٽڪ، ڀارت
رھائش بنگلور بينگلور، ڪرناٽڪ، ڀارت
شھريت ڀارتي
پيشو چيئرپرسن، انفوسس فائونڊيشن، قلم ڪار (ڪنڙ ۽ انگريزي)
جيون ساٿي اين آر ناراين مورتي
ٻار ٻچا روهن مورتي، اڪشتا مورتي

مُنڍائتي زندگي ۽ اڀياس سنواريو

سوڌا مورتي جو جنم 19 آگسٽ 1950 تي سولگائي، جمخندي، ڪرناٽڪ، ڀارت جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ ٿيو۔ سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر آي ايچ ڪولڪرني ۽ امڙ جو نالو وملا ڪولڪرني آهي. هن اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪ انجينئري ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ انڊيا انسٽيٽيوٽ آف سائنس منجهان ماسٽرز ڪئي اٿائين. هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ٻنهين ۾ سونَ جو ٻِلو (گولڊ ميڊل) حاصل ڪيو آهي.[7]

ڪيريئر سنواريو

مورتي ٽاٽا انجينيئرنگ اينڊ لوڪوموٽو ڪمپني ۾ ملازمت ماڻيندڙ پهرئين ناري آهي. هيءَ ڪمپني ڀارت جي سڀ کان وڏي آٽو موبائل ڪمپني آهي. هن پوني شهر منجهان ملازمت جي شروعات ڪئي ۽ انکانپوءِ ممبئي ۽ پوءِ وري جمشيد پور ۾ اچي ڪم ڪيائين. هن پاران ڪمپني ۾ جنسي جانبداري (استحصال) جي شڪايت ڪندي چيئرپرسن کي هڪ ٽپال خط (پوسٽ ڪارڊ) روانو ڪري ڏنو هيو جنهن کانپوءِ هن جو هڪ انٽرويو ٿيو ۽ کيس ملازمت ملي وئي هئي. 1996 ۾ هن انفوسس فائونڊيشن جو بڻياد رکيو. هيءَ انفوسس جي ٽرسٽي آهي ۽ بينگلور يونيورسٽي ۾ پروفيسرياڻي آهي. هن ڪرائسٽ يونيورسٽي، بينگلور ۾ سکيا-تدريسي خدمتون انجام ڏنيون آهن.[8] هن ڪيترائي ڪتابَ لکيا آهن جن ۾ 6 ناول، 3 تدريسي ڪتابَ، 2 ٽيڪنيڪي ۽ٻيون لکڻيون شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. Ratan Tata, Rahul Dravid on Gates Foundation board آرڪائيو ڪيا ويا 22 May 2013[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.۔ tata.com (15 جولاءِ 2003)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
  2. Gates Foundation's AIDS initiative launched۔ The Hindu (6 ڊسمبر 2003)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
  3. Sudha Murthy: Humility personified۔ Business-standard.com (23 جنوري 2011)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
  4. Vinita Chaturvedi (18 آڪٽوبر 2011) I'm enjoying my acting stint: Sudha Murthy آرڪائيو ڪيا ويا 2013-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشينTimes of India۔
  5. Home | The Murthy Classical Library of India۔ Murtylibrary.com. Retrieved on 31 مئي 2013.
  6. Arshiya Kapadia (30 سيپٽمبر 2001) The million-dollar name behind Dollar Bahu۔ Tribuneindia.com. Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
  7. Sudha Murthy | The Woman Behind | Narayan Murthy Wife آرڪائيو ڪيا ويا 15 July 2012[Date mismatch] at Archive.is۔ Living.oneindia.in (17 آگسٽ 2011)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
  8. "Presenting Harmony's silvers – sparkling lives, success stories, accounts of endurance, courage, grit and passion". harmonyindia.org. وقت 24 سيپٽمبر 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 ڊسمبر 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)