سوچيتا دلال (انگريزي ٻولي: Sucheta Dalal) ڀارتي ليکڪا ۽ صحافڻ آهي. [1] هيءَ دي ٽائمز آف انڊيا سان 1997 تائين فائنانشيل ايڊيٽر طور ڪم ڪندي رهي ۽ پوءِ وري انڊين ايڪسپريس گروپ جي ڪنسلٽنگ ايڊيٽر هئي. هن 2008 تائين انڊين ايڪسپريس ۽ فائنانشيل ايڪسپريس جي لاءِ ڪالم لکيا آهن. هن 1992 ۾ ناري صحافي جي لاءِ چميلي ديوي جين ايوارڊ جو اعزاز ماڻيو.[2] ۽ تعليم ۽ ادب ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي عيوض 2006 ۾ پدم شري ايوارڊ حاصل ڪيائين.[3]۔ سوچيتا 6 سال تائين ڪارپوريٽ معاملن جي وزارت جي رڪن رهي آهي.

سوچيتا دلال

محترمہ سوچيتا دلال صدر ڊاڪٽر اي پي جي عبد الڪلام کان 2006 ۾ پدم شري وٺي رهي آهي.
پيدائش انڊيا
پيشو بزنس جرنلسٽ
اعزاز پدما شري

شروعاتي زندگي ۽ تعليم سنواريو

سوچيتا دلال جي پيدائش 1961 ۾ ممبئي ۾ ٿي هئي. هن ڪرناٽڪ ڪاليج، ڌارواڙ کان شماريات (اسٽيٽيسٽڪس) ۾ بي-ايس-سي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بمبئي يونيورسٽي (هاڻي ممبئي يونيورسٽي ) کان ايل-ايل-بي ۽ ايل-ايل-ايم جي تعليمي سند حاصل ڪئي.[4]

ڪيريئر سنواريو

سچيتا دلال 1990 جي ابتدائي زمانو ۾ ممبئي جي مشهور اخبار ٽائمز آف انڊيا جي واپار ۽ معيشت جي ونگ سان بطور صحافي لاڳاپيل رهي.[5] هن ڪيترن ئي حساس مسئلن جي تحقيق ڪئي، جنهن جي سبب سماجي سرگرمين ڏانه ۽ صحافت جي ٻين شعبن ۾ سچيتا معروف ٿي. انهن حساس مسئلن ۾ 1992 جو هرشد مهتا اسڪيم، 2001 جو اينرون اسڪينڊل کانسواءِ انڊسٽريل ڊيوولوپيمنٽ بينڪ آف انڊيا اسڪيم, 2001 جو ڪيتن پارڪيک اسڪيم وغيرہ شامل آهن. هن گريش سنت، ڊيباشس باسو، شانتانو ڊڪشت ۽ پرديمنا ڪول جهڙن نامور ۽ تجزبيڪار صحافین سان گڏ ڪم ڪيو. ٽائمز آف انڊيا ۾ سچيتا فائنانشيل ايڊيٽر جي مقام تائين پهتي هئي.[6] ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ، واپرا، واهپيندڙن جو تحفظ، بنيادي ڍانچو (انفراسٽرڪچر) ۽ بجيٽ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي تحقيقي رپورٽن جي سبب کان سچيتا معروف آهي. سال 1992 جي اسڪيم، جيڪا تڏهن تائين ڀارت جي سڀکان وڏي معاشي اسڪيم هئي، ان تي سچيتا پنهنجي تحقيقي رپورٽن جي سبب کان وڏي شهرت حاصل ڪئي.[7]

لکڻيون سنواريو

سوچيتا دلال پنهنجي مڙس ڊيباشس باسو سان گڏ دي اسڪيم، هو وون، هو لوسٽ، هو گاٽ ايوي {The Scam: Who Won, Who lost, Who Got away}}[8] جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو هيو. اي،ڊي شراف: ٽائٽن آف فائينانس اينڊ فري اينٽرپرائز (A. D. Shroff: Titan of Finance and Free Enterprise) جي نالي سان سوچيتا ٻيو ڪتاب لکيو هيو.[9]

ايوارڊ سنواريو

سچيتا دلال کي ڪيترائي اعزا مليا جن منجهان ڪُجهہ ذڪر لائق اعزاز هيٺ درج ڪيل آهن:

حوالا سنواريو

  1. "Sucheta Dalal, Padma Shri". Express India. 27 Jan 2006. http://expressindia.indianexpress.com/news/fullstory.php?newsid=62057. Retrieved 22 January 2015. 
  2. "Sucheta Dalal: Executive Profile & Biography". Bloomberg. وقت 3 July 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 March 2019. 
  3. "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. حاصل ڪيل 21 July 2015. 
  4. "Sucheta Dalal". حاصل ڪيل 7 November 2016. 
  5. "Profile of Sucheta Dalal". StarSunFolded. حاصل ڪيل 15 March 2020. 
  6. "Girish Sant memorial lecture 2015". Prayas (Energy Group). حاصل ڪيل 7 November 2016. 
  7. "THE SCAM: from Harshad Mehta to Ketan Parekh Also includes JPC FIASCO & Global Trust Bank Scam". Good Reads. حاصل ڪيل 15 March 2020. 
  8. "The Scam: Who Won, who Lost, who Got Away". Google Books. حاصل ڪيل 15 March 2020. 
  9. "A.D. Shroff: titan of finance and free enterprise". Google Books. حاصل ڪيل 15 March 2020.