سوڀراج نرملداس فاني

سوڀراج نرملداس فاني ([انگريزي: Sobhraj Nirmaldas Fani]؛ جنم: 27 فيبروري 1883ع - 15 مارچ 1956ع) سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب، شاعر ۽ محقق هو. عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي به عبور حاصل هئس. سنڌ جي تاريخ تي لکيل سندس مضمون اڄ به وڏي اهميت رکن ٿا. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ هو.

ننڍپڻ سنواريو

سوڀراج جو جنم 27 فيبروري 1883ع ۾ حيدرآباد سنڌ جي هڪ عامل هندو خاندان ۾ ٿيو. سندس پيءُ نرملداس فتح چند سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو، جنهن جا تاريخي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ خاص جڳھ والارين ٿا. مشهور تاريخي ناول ”دلو راءِ جي ننگري“ نرملداس فتح چند جو هڪ مشهور تاريخي ناول آهي[1].

سوڀراج کي علم، ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي پنهنجي والد کان ڄڻ ته ورثي ۾ ملي. هن مئٽرڪ جو امتحان بمبئي (هاڻي ممبئي) يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو جنهن ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. هو وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ سرڪاري نوڪري ڪرڻ لڳو. هن مختيارڪار جي حيثيت سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي ۽ 1937ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو.

علمي ۽ ادبي ڪاوشون سنواريو

سوڀراج نرملداس پنهنجي دور جو هڪ بهترين شاعر ۽ عالم هو. موسيقيءَ سان به خاص لڳاءُ هئس. هو نه فقط سنڌي ٻوليءَ جو پارکو هو پر عربي ۽ فارسي ٻولين تي به عبور حاصل هئس[2]. 1940ع ۾ ان وقت جي تعليم واري وزير جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ نالي هڪ ادارو ٺاهيو هو. سوڀراج نرملداس 1947ع تائين انهيءَ بورڊ جو ميمبر رهيو[3]. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ اباڻا ڪک ڇڏي هندستان لڏي ويو.

سوڀراج انگريزي، فارسي ۽ سنڌيءَ سان گڏوگڏ سنسڪرت، اردو ۽ عربيءَ جو به سٺو ڄاڻو هو. هن مختلف مذهبن ۽ فلسفن کي پڙهيو هو ۽ پنهنجي سڄي حياتي مذهبي رواداري، محبت ۽ مروت سان بسر ڪيائين. سوڀراج ڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس تخلص ”فاني“ هو. سندس شاعريءَ تي فارسي رنگ نمايان هو ۽ هو هڪ بهترين غزل گو شاعر هو[4]. شاعريءَ سان گڏ هو هڪ بهترين نثرنويس پڻ هو. هن سنڌ جي 80 شهرن بابت کوجنا ڪئي ۽ ڪيترائي مضمون لکيا جن مان اڪثر ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ ڇپيا. ان کان علاوه سندس شاعري ۽ مضمون ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيا.

ڇپيل ڪتاب سنواريو

فانيءَ جو ڪيتروئي مواد مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهي جنهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس ڪجهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن مان هيٺيان خاص ذڪر لائق آهن[5]:

  • خيالي جهلڪا
  • چت ڦلواڙي
  • روحاني تجلا
  • ويچار وکر

وفات سنواريو

سوڀراج نرملداس فانيءَ 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪئي.

حوالا سنواريو

  1. Mohan Lal, Encyclopedia of Indian Literature, pp. 4125, Vol. 5, Sahitya Academy New Delhi, 1992
  2. Ajwani, L. H. (1960). History Of Sindhi Literature. http://archive.org/details/in.ernet.dli.2015.458518. 
  3. "سنڌي ادبي بورڊ" (sd ۾). وڪيپيڊيا. 2019-12-17. https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A_%D8%A7%D8%AF%D8%A8%D9%8A_%D8%A8%D9%88%D8%B1%DA%8A&oldid=167289. 
  4. اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر (ڀاڱو ٻيو)، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، صفحو 31.
  5. "سوڀراج نرملداس فاني : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-14.