سوپاري هيءَ کجيءَ ۾ داخل آهي، مگر ميوي ۾ داخل نه چئبي، اگرچ سوپاري هن ملڪ ۾ تڙون ڪري، ائين يا پان جي پن سان گهڻي کائڻ ۾ ايندي آهي. هيءَ کجي شڪل جي ڏاڍي سهڻي ٿي ٿئي. قد جي به پوري پني ٿئي ٿي. ڊاڪٽر هوڪر ته هن جي شڪل جي مشابهت ۾ لکي ٿو ته ”هوءَ گويا هڪڙو پرن وارو تير آهي، جو مٿان آسمان مان ڇُٽو آهي ۽ اچي هيٺ زمين ۾ چُڀي لڳي بيٺو آهي.“سوپاريءَ کي انگريزيءَ ۾ بِيٽل نَٽ چون ٿا.[1]

سوپاري

طب سنواريو

سوپاريون:

نالا: ع. فوفل، ف. پوپل، هه. وغيره___ سپاري، ناطويل، کوِيل ۽ اورسبمون.
اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: قولنج ۽ سيني کي، ميل: ڪتيرو، عيوض: ڌاڻا ۽ صندل، :وزن: ٽي ماسا.
سڃاڻپ: ڪاٺ وانگر سخت گول داڻا آهن، ڀڃڻ مهل اندر اڇا ليڪا ڏسبا.
خاصيت: هنن کي ڪٽي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي پيارڻ سان رت جا دست بند ٿيندا، پيشاب جي گهڻائيءَ کي به روڪينديون، قبض پيدا ڪندڙ آهن. معدي جي بخارن کي دماغ ڏانهن چڙهڻ نه ڏيندا. هن کي چٻاڙي کائڻ سان ڏندن ۽ مهارون مضبوط ٿيندا. ڏند ۽ معدي جي رطوبت کي صفا ڪن ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪندڙ آهن..[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفر؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو