[[|thumb|right| سون واري سرشتي ۾ ڪاغذي نوٽ سون جي مقرر ڪيل ملھ مطابق تبديل ٿيندا آهن]]


سون واري سرشتي تي مدار رکندڙ نظريو ___ __Adjustment under Gold Standard:


هي نظريو، اقتصاديات جي ڪلاسيڪي ماهرن ڊيوڊ هيوم ۽ ڊيوڊ رڪارڊو جي دماغي ڪاوشن جو نتيجو آهي. ڪلاسيڪي ماهر هميشه آزاد واپار جا حامي ۽ واپاري رڪاوٽن جي سخت خلاف رهيا آهن. هن نظرئي ۾ پڻ آزاد واپار تي خاص زور ڏنو ويو آهي. هن نظريي موجب آزاد واپار جي اثر هيٺ جيڪڏهن سون ملڪ ۾ ايندو ۽ نڪرندو رهندو ته ملڪ جي ادائگيءَ جو توازن پاڻمرادو هموزن ٿيندو رهندو. انهيءَ پاڻمرادي هموزنيءَ لاءِ ضروري آهي ته واپار ڪندڙ سڀني ملڪن ۾ سون وارو سرشتو رائج هجي. هاڻي جيڪڏهن هڪ ملڪ ٻاهران وڌيڪ مال گهرائي ٿو ته ضرور هن کي ٻاهرين ملڪن کي سون ڏيڻو پوندو، تنهنڪري ملڪ اندر سون جو مقدار گهٽجي ويندو. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ ناڻي جي رسد گهٽجي ويندي ۽ نتيجي ۾ ملڪ جي عام قيمتن جي سطح پڻ ڪري پوندي ۽ ملڪ ۾ سستائي ٿي ويندي ۽ شيون سستي اگهه تي وڪامنديون. ٻئي پاسي ٻيو ملڪ جنهن پهرئين ملڪ کي پنهنجون شيون وڪرو ڪري ڏنيون هونديون، تنهنجي ڪمائي وڌي ويندي، سندس سون جو مقدار به وڌندو، جنهن ڪري ملڪ ۾ ناڻي جي رسد وڌندي ۽ ناڻي جي مقدار وڌڻ ڪري طلب وڌندي ۽ شين جون قيمتون به چوٽ چڙهڻ لڳنديون. ٻين لفظن ۾ عام قيمتن جي سطح وڌي ويندي. لازمي آهي ته ملڪ ۾ سخت مهانگائي هجڻ ڪري اهو ملڪ اهي شيون ٻاهران گهرائيندو جتان کيس سستي اگهه تي ملنديون. پهرئين ملڪ مان جتي هاڻي هن ملڪ جي مقابلي ۾ شيون سستيون هونديون، اتان شيون گهرايون وينديون، جنهنڪري وري پهرئين ملڪ ۾ سون جو مقدار وڌندو ۽ پوئين ملڪ ۾ گهٽبو، اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ سون جي اچڻ وڃڻ ڪري ڪجهه عرصي بعد ادائگيءَ جي توازن ۾ کوٽ پاڻمرادي پوري ٿي ويندي. مگر سون جي سرشتي تحت ادائگيءَ جو توازن پاڻمرادو تڏهن هموزن ٿيندو، جڏهن ٻن خاص قاعدن جي پابندي ڪئي ويندي. جيڪڏهن واپار ڪندڙ ملڪ انهن اصولن جا پابند نه رهيا ته توازن پاڻمرادو هموزن ٿي نه سگهندو. اهي ٻه قاعدا پوءِ جن کي سون واري سرشتي جي راند يا کيڏ جا قاعدا (Rules of Gold Standard Game) سڏيو وڃي ٿو، اهي هي آهن: پهريو قاعدو هي آهي ته سون جي چرپر کي ڇڏي ڏنو وڃي ته اها قيمتن تي پنهنجو پورو اثر ڏيکاري، يعني ته جڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ سون جو مقدار وڌي وڃي ته پوءِ ملڪ ۾ ڪارپت يا اعتبار به اوترو ئي وڌايو وڃي، معنى ته ناڻي جو مقدار به وڌايو وڃي. جڏهن وري سون ملڪ مان ٻاهر وڃي، يعني سون جو مقدار گهٽجڻ لڳي، ته پوءِ ملڪ ۾ ڪارپت يا اعتبار کي به گھٽايو وڃي، يعني ته ناڻي جو مقدار گهٽايو وڃي. ٻيو قاعدو هيءُ آهي ته مالي ۽ واپاري نيتون اهڙي نموني سان ٺاهيون وڃن، جيئن ادائگيءَ جي توازن ۾ هم آهنگي پيدا ڪري سگهجي. اهي ملڪ جن جي ڪمائي وڌيڪ آهي، انهن کي گهرجي ته برآمدات جي مقابلي ۾ درآمدات زياده گهرائين ۽ اهڙا ڪي به طريقا اختيار نه ڪن جن جي ڪري سندن درآمدات گهٽجي وڃن، ڇاڪاڻ ته سندن درآمدات ٻين ملڪن جون برآمدات آهن، جن مان ڪمايل پئسن مان ئي هو سندن قرض لاهيندا. پر ڏٺو وڃي ته هنن قاعدن تي عمل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري سون واري سرشتي جي پڄاڻي آئي ۽ ملڪن انهيءَ کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏيو.[1]

  1. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: 1970؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو