سومر هفتي جو پهريون ڏينهن آهي. سومر آچر ۽ اڱاري جي وچ ۾ ايندو آهي.

لفظ سومر سنواريو

سومر = هن ڏينهن جو نالو هندي لفظ سوم مان ورتو ويو آهي, سوم جيڪو چندر ديو جو ٻيو نالو آهي. سندس نالي پٺيان هن ڏينهن جو نالو پيو.

هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سومر کي سوموار چوندا آهن.

سنڌين ماڻهو سومر ۽ سومار نالو پڻ رکندا آهن.

’سومر‘ تان سومر خان، محمد سومر، سومار خان.

سومر< سومار< سوموار< سن. سومَ = چنڊ

لفظ سوم سنواريو

ڳاٽا آريه لوڪ سوم نالي هڪ ٻوٽي جي رس پيئندا هئا، جا چنڊ جهڙي اڇي ۽ روشن هوندي هئي. اها نهايت گڻاڪاري هئي، تنهنڪري انهيءَ ٻوٽيءَ جي اُڀرائيندڙ ديوتا کي به ”سوم“ سڏيندا هئا. رگ ويد، جو سڄو نائون منڊل سوم جي ساراھ سان ڀريل آهي. جيئن سج جو روپ اگني آهي، تيئن سوم جو روپ چندرما (چنڊ) آهي، ۽ اهو به ”سوم“ سڏجي ٿو. ”سومر – سومار“ معنيٰ ”سوم يا چندرما (چنڊ) جو ڏينهن“ (Monday: Moon-day) ويدن جي براهمڻن ۾ سوم (چنڊ) کي امرت جو نياڻ سڏيو اٿن. چنڊ جي سهائي پکَ ۾ ديوتائون اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي، ۽ اونداهي پک ۾ پتر اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا وڃي گهٽبي. هي ڳالهيون پراڻن ۾ به لکيل آهن.[1]

انگريزي Monday سنواريو

Moon + وار = ڏينهن day. اهو ٿيو Moonday، تنهن مان ٿيو Monday. جرمنيڪ جو ديوتا Máni / Mona نالي سان منسوب آهي.[2]

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو


هفتي جا ڏينهن
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر