سوسيون :

اڳي سنڌ ۾ رڳو هرک ۽گيگم جي سٿڻن جو رواج ڪونه هو پر مرد زنانين سوسين جون سٿڻيون به پائيندا هئا. اهي سوسيون سنڌ جي ڪورين جون اڻيل هونديون هيون. اهي ڪپڙا جهڙا هوندا هئا. جهالُو، اهڙا هوندا هئا رنگ جا پڪا، ڳاڙهي تر يا ڪاري تر وارين سوسين جو رواج عام هو. زالون انهن مان سٿڻون ٺاهينديون هيون. ٻار ٻچي، ننڍي وڏي کي هيٺ، گهڻو ڪري سوسي هوندي هئي، هاڻي مشينون نڪتيون آهن ته پڻيون بافتو عام جام ٿي پيو آهي، پر اڳي رڳو سوسيون هونديون هيون. شاهوڪار ۽ امير البت ٻيا ڪپڙا ڍڪندا هئا، باقي عام رواج رڳو انهن ڪپڙن جو هو. ڪوري ڪاريگرن کي ته مٿي کنهڻ جي وار کائي ڪانه هوندي هئي. آڏاڻي تان هڪڙو تاڪيو لٿو، ته ٻيو چڙهيو. اهي سوسيون خاص سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو چئبو هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي پوشاڪ هوندو هو. ٻين کي ته انهن جي ويٽ ئي ڏانءِ ڪانه ايندي هئي. اڄڪلهه جي زماني ۾ سوسين جو رواج پوندو وڃي. اڳي زالون موٺڙن ۽ سوسين مان سٿڻون ٺهرائيندون هيون، پر هاڻي ته چولن ٺهرائڻ جو به فيشن ٿي پيو آهي[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}