جھوناڳڙھ (Junagarh)، ڪاٺياواڙ (Kathiawar) ۾ ھڪ رياست هئي. اتان جو نواب ھڪ مسلمان هئو. سندس ماتحت ننڍيون ننڍيون گھڻيئي جاگيرون هيون. کيس سورٺ سرڪار به چوندا هئا. شاھ لطيف به سورٺ جي سر ۾ سورٺ، جھونا ڳڙهه ۽ گرنار شعر ۾ ڪم آندا آھن. جيئن:

جھوناڳڙهه جھرندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾،
ٿيو غلغلو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو. ~ شاهه

جنھن مان سمجھجي ٿو ته ان وقت ڪي ھندو راءِراڄ ڪندا ھئا. ھونئن سورٺ علائقو به آھي. جنھن ۾ جھوناڳڙهه، پوربندر () ۽ جيت پور () به اچي وڃن ٿا. اتان جي وزير مرحوم بھاءُالدين پنھنجي نالي سان شاندار ڪاليج ٺهرايو هو، جنھن ۾ مسلمانن کان في نه ورتي ويندي هئي. اتي سستائي به گھڻي هئي، تنهنڪري ان زماني ۾ سنڌ جا شاگرد اوڏانھن به پڙھڻ ويندا هئا.

ڪاليج شھر جي قلعي جي ٻاھران آھي. اوڀر ۾ گرنار جو جبل اٿس، جنھن جي ٻئي پاسي گير جو ٻيلو آھي جتي ڪيھر، ٻيلائي ۽ چيتا رھندا آھن. انھيءَ گرنار جبل جو نالو داتار آھي. گرنار جي چوٽي تمام اوتاھين ۽ سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل ميل کن مٿي ٿيندي. ان جي چوٽيءَ تي وشنو مھاراج (Vishnu Maharaj) جو پڳ آھي. جبل جي لاھين، پاسن، پلون ۽ دامنن ۾ ڪيترائي مندر آھن. واٽ تي سوين، ھزارين پانڌيڙا، زيارتي ۽ ياتري، جوڳين جو درشن ڪرڻ، مندرن ۽ ڏيورين ۾ مٿو ٽيڪڻ ويندا آھن. انھن جي سک ۽ سھولت لاءِ نواب صاحب پٿر جا وڏا ۽ ويڪرا ڏاڪا ٺھرائي ڇڏيا هئا. جي لڳ ڀڳ اَٺ ھزار کن ٿيندا. اھڙي طرح داتار تي وڃڻ لاءِ پنج ھزار ڏاڪا ٿيندا. [1] [2]

  1. ڪچ ڪوڏيون (فڪري مضمون) (سيد عطا حسين موسوي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-20 
  2. ڪتاب: ڪچ ڪوڏيون