قرآن جي سورة نمبر: 2
سورة البقرة
(ڳئون)
مدني
درجابندي مڪي/ مدني
سيپارا سيپارو 1–3
رڪوعن جو تعداد 40
آيتن جو تعداد 286
لفظن جو تعداد 6201
اکرن جو تعداد 25500
شروعاتي مقطعات الف لام ميم


First verses of al-Baqarah

سوره البقرہ سنواريو

' سورہ البقرہ:The Cow:يا Sūrah al-Baqarah قرآن جي ٻيون نمبر سورة آھي ۽ پھرين سيپاري جي پھرين سورت آھي ۽ قرآن جي سڀ کان وڏي سورت آھي.[1] ھن سورة ۾ 286 آيتون، 6201 لفظ ۽ 25500 اکر آھن .ھن سورة ۾ 40 رڪوع آھن.ھن جي شروعات حروف مقطعات الف لام ۽ ميم (الم) سان ٿئي ٿي.

نالو سنواريو

ھن سورة ۾ ڳئون جي قصي جو ذڪر آھي جنھن ڪري ان کي بقرہ نالو ڏنو ويو جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ ڳئون کي چوندا آھن. تفھيم القرآن مطابق ھي سورة گھڻي ڀاڱي ھجرت کان پوءِ مديني جي ابتدائي دور ۾ ۽ ان جو ڪجهه حصو نبي پاڪ صہ جي مدني زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾ نازل ٿيو. وياج تي بندش واريون آيتون به ان پوئين دور ۾ شامل آهن جيڪي نبي پاڪ صہ جي آخري دؤر ۾ نازل ٿيون ھيون. "سوره جو خاتمو جن آيتن تي ٿيو آهي آھي ھجرت کان پھريان مڪي۾ نازل ٿي چڪيون هيون پر مضمون جي مناسبت سان انھن کي بہ ھن سورة ۾ ضم ڪيو ويو آهي"[2]

حوالا سنواريو

  1. Salwa M. S. El - Awa, Introduction to Textual Relations in Qur'an, pg. 1. Part of the Routledge Studies in the Qur'an series. London: Routledge, 2005. ISBN 9781134227471
  2. {ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد:اول؛ سيد ابوالاعلي مودودي؛پبلشرز:ادارہ ترجمان القرآن،لاھور،؛ايڊيشن 2003؛صہ 46}