قرآن پاڪ جي 84 هين سورة، هن جو نالو پهرين -آيت- مان ورتل آهي. هن ۾ 25 آيتون آهن. ۽ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي، هن جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هيءَ -اسلام- جي ابتدائي دؤر جي سورة آهي، جڏهن اڃا ظلم ۽ ستم شروع نه ٿيو هو، البته قرآن پاڪ جي دعوت کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ ماڻهو اهو مڃڻ کان انڪاري هئا ته قيامت ايندي. پهرين پنجن آيتن ۾ قيامت جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي، ته -ان- ڏينهن -آسمان- ڦاٽي پوندو ۽ زمين پنهنجون سڀ شيون ٻاهر ڪڍندي، اڳين ڏهن آيتن ۾ ٻڌايل آهي ته -انسان- شعوري ۽ لاشعوريءَ طور اوڏانهن وڃي رهيو آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن -ان- کي مالڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي، پوءِ سڀئي -انسان- ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويندا، هڪڙا اهي -جن- کي سندن اعمال نامو سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهي معاف ڪيا ويندا، ۽ ٻيا اهي، -جن- جو اعمال نامو کاٻي هٿن ۾ ڏنو ويندو، اهي چاهيندا ته هاڻي وري مري وڃون، پر کين جهنم ۾ ڦٽو ڪيو ويندو. اهڙا ماڻهو جيڪي قرآن پاڪ جا انڪاري آهن انهن لاءِ دردناڪ عذاب جي خبر ڏنل آهي.[1]

حوالا سنواريو