سورة انشراح

قرآن جو 94ھون باب


قرآن مجيد جي 94 هين سورة، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ -اٺ- آيتون آهن. هي سورة مڪي ۾ نازل ٿي. هن سورة جي ابتدا ۾ انهن -ٽن- نعمتن جو ذڪر آيل آهي جيڪي آلله تعاليٰ، حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم کي عطا ڪيون هيون.(1) -الله- پاڪ اوهان جو سينو کولي ڇڏيو آهي، اوهان هر شيءِ کي پرکي سگھو ٿا. (2) جيڪو بار نبوت کان اڳي اوهان تي هو، اهو ختم ڪيو ويو آهي. (3) اوهان جو ذڪر سڀني کان بلند ۽ افضل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ نبي ڪريم صلي -الله- عليه وآله وسلم کي اطمينان ڏياريو ويو آهي ته هي دؤر جنهن مان اوهان گذري رهيا آهيو ڊگھو ناهي، هن تنگيءَ جي دؤر سان گڏ ئي آسانيءَ وارو دؤر اچڻ وارو آهي. هن سورة جي آخر ۾ حضور اڪرم صلي -الله- عليه وآله وسلم کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته انهن مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جيڪي هن وقت اوهانکي پيش اچي رهيون آهن، توهان انهن مسئلن کان فارغ ٿي عبادت ۽ رياضت ۾ لڳي وڃو.[1]

قرآن جي سورة نمبر: 94
الإنشراح
الم نشرح
The Solace
درجابندي مڪي/ مدني
نعم البدل خطاب (عر) سورة الشرح
ٻيا نالا دل جو سڪون، چين، دل جو کلڻ
سيپارا سيپارو 30
آيتن جو تعداد 8
لفظن جو تعداد 27

حوالا سنواريو