انبياءِ/ الانبياءِ: قرآن شريف جي ايڪيهين سورة. -ان- جو شان نزول اهو آهي ته -ان- ۾ ڪن نبين جو ذڪر آيو آهي. هيءَ سورة مڪه معظمه ۾ هجرت نبويءَ کان اڳ نازل ٿي. هن ۾ ست رڪوع ۽ هڪ سؤ ٻارهن آيتون آهن. هن سورة جو بنيادي موضوع نبي سڳوري جي رسالت جي دعويٰ، -توحيد- جي دعوت، عقيده -آخرت- تي مشرڪن جا مختلف ۽ متضاد اعتراض ۽ انهن جي مفصل ترديد آهي. هن سورة جي ابتدا، وچ ۽ خاتمي ۾ وري ماڻهن کي غفلت تي تنبيهه ڪندي کين خبردار ڪيو ويو آهي ته سندن محاسبي جو وقت اچي ويو آهي.[1]

حوالا سنواريو