سوانح نگاري (Biography) پنھنجي زندگيءَ کي ڇڏي ڪنھن ٻئي جي حياتي، حياتيءَ جا حادثا واقعا ۽ زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪرڻ کي سوانح نگاري سڏبو آهي. سوانح لکندڙ کي سوانح نگار (Biographer) چئبو آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ۾ ھن صنف لاءِ لکيو ويو آھي تہ ”ھي غير افسانوي ادب جو قسم آھي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي ھوندو اھي. عام طور تي ھن ۾ آتم ڪھاڻي بہ اچي وڃي ٿي. جنھن جو موضوع ڪنھن جي پنھنجي تاريخ جو بيان ڪرڻ ھوندو آھي.“ تاريخ، وسيع تناظر ۾ نسلن ۽ گروھن جي حالات، واقعات حادثات، عروج و زوال ۽ شڪست وغيره جي ڪھاڻي ٻڌائيندي آھي، جڏھن تہ سوانحي ادب ھڪ فرد جي شخصيت جي مڙني پھلوئن جي تصوير ڏيکاريندو اھي ۽ ان سان لاڳاپيل تاريخي واقعا ان ۾ خود بخود اچي وڃن ٿا. ان حساب سان جيون ڪھاڻي کي تاريخ جو حصو سمجهڻ گهرجي. ڇو جو ان جو دارومدار واقعن جي تسلسل ۽ لکيل توڙي زباني مواد جي وضاحت تي ھوندو آھي، جيڪو تحقيق ۽ ذاتي يادگيرين تي قائم ھوندو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.