سوانجھڙو
سوانجهڙو (عربي: سهجنه، فارسي: سواجنه، ھندستاني، وغيره: ساجنہ، پاريہ، ۽ سوهاجن) سريہ جي وڻ جيڏو وڏو وڻ ٿئي ٿو. هن جو گل اڇو، ڦرهيون تندن وانگر ڊگهيون، بهار جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي.
طبسنواريو
سريع الهضم آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري، معدي ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو. گهاٽي بلغم کي وڃائي ٿو. مني ۽ قوت باھ کي وڌائي ٿو. کنگھ ۽ دمڪشي لاءِ مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. مثاني جي پٿري، سنڌن جي سور کي فائدو ڪري ٿو. سخت سوڄن کي هن جي پنن جي لپري تحليل ڪري ٿي.[1]
حوالاسنواريو
- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.