سهڪاري سگهون يا پِلرس آف سپورٽ (Pillars of Support) ڪنهن به رياستي سرشتي جا اُهي شعبا، ادارا ۽ تنظيمون آهن، جيڪي رياست جي سياسي سگهه کي برقرار رکڻ لاءِ سگهه يا طاقت ڏين، جيڪا عالمي برادريءَ ۾ سندس مان ۽ عزت جو سبب بڻجي سگهي. سهائتا جي اهڙن ٿنڀن ۾ بااختيار سياسي ادارا، جيل، اعليٰ تعليمي ادارا، واپاري طبقو، مزدور تنظيمون، ميڊيا ، فوجي شُعبا، پوليس، انصاف جا ادارا (عدالتون) ۽ ٻيا ادارا به شامل آهن. اهي ٿنڀ رياستي ڪاروهنوار ۽ اثر جي ڌرجي کي مٿاهون ڪرڻ ۽ بين الاقوامي برادريءَ ۾ الڳ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾، ڪنهن به قوم/ رياست لاءِ تمام گهڻا مددگار ثابت ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ جو مٿين اداران جي ڪارڪردگي ئي رياست جي ڪردار کي طئي ڪندي آهي. [1]

حوالا سنواريو