سهولت ڀري ادائگي
سهوليت ڀري ادائگي ”لئنڊليز ايڪٽ“ 1914ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ واري زماني ۾ آيو هو، جنهن مطابق اتحادي ملڪن (برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا وغيره) وچ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندي، واپار ۾ رعايتون ڏيڻ تي سهمتي ٿي. انهيءَ سهمتيءَ هيٺ، گڏجي جنگ وڙهندڙ ملڪ جيڪڏهن هڪٻئي کان خريد ڪيل سامان جي ادائگيءَ ۾ دير ڪن ته سامان ڏيندڙ ملڪ، مٿانئس ڪنهن به نموني جي سختي نه ڪري، ۽ کيس واڌو سهولت ڏئي. هي طريقو ’فرينڪلن ڊي رُوز ويلٽ‘ (اڳوڻو آمريڪي صدر) ٻين عالمي جنگ جي خاص حالتن کي نظر ۾ رکندي، دُنيا آڏو پڌرو ڪيو. رُوز ويلٽ لاڳاپيل سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي، واپار جي اندر ”قسطن ۾ ادائگي“، ”سولي نموني جي اوڌر“ يا ”رهتون معاف ڪري ڇڏڻ“ جهڙيون رعايتون ڏيڻ ضروري سمجهيو. انهيءَ ڪري 1941ع کان 1945ع تائين آمريڪا مختلف ملڪن کي پنجونجاهه بلين ڊالر اهڙين رعايتن تحت ڏنا. انهيءَ پاليسيءَ جو وڏي ۾ وڏو فائدو برطانيا ۽ سوويت يونين کي ٿيو، ڇاڪاڻ جو جنگ هلندي آمريڪا طرفان واپار جي صورت ۾ مُختلف وکر، سڀ کان وڌيڪ هٿيار، کاڌ خوراڪ، ڪچو مال، مشينري ۽ پئسا انهن ٻنهي ملڪن کي ملندا رهيا. انهن ٻنهي مُلڪن، خاص طور برطانيا طرفان آمريڪي رعايتن جي عيوض اتحادي زمين تان آمريڪا کي فوجي مهمون شروع ڪرڻ ۽ فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي سهولت ملي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ”لئنڊليز ايڪٽ“ جي پاليسين سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ”سرد جنگ“ کي هٿي ڏني.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد