سنگ سرماهي (عربي: حجرالسمڪ، فارسي: سنگ سرماهي، اردو: سنگ سرماهي) ٽڪنڊو ۽ چپترو اڇي ميٽائين رنگ تي پٿر آهي، جو سنول نالي مڇي جي مٿي مان نڪري ٿو.

طب سنواريو

مزاج: گرم هڪ خشڪ ٻئي درجي ۾.

مقدار خوراڪ: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

پيدائش: پسني وغيره طرف ٿئي ٿو.

خاصيت: هي پيشاب کوليندڙ (Diuretic) ۽ پٿري ٽوڙيندڙ (Lithontriptic) آهي. هن کي سنهون ڪري گردي مثاني وغيره جي پٿري لاءِ معجونن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. معجون سنگ سرماهي هن جو مشھور ۽ مفيد مرڪب آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.