سنگمنڊل
تائمنڊل جي ڍڪ (تائڍاڪ) جي مٿان هوا جو ٻيو تھ سنگمنڊل سڏجي ٿو، جنهن جي اوچائي / ٿولھ 30 کان 85 ميل سمجهي وڃي ٿي. هن منڊل ۾ هوا جي هيٺ مٿي چرپر ايڏي تيز ناهي، جيڏي تائمنڊل ۾، ان ڪري هوا منجهہ اڏام لاءِ بهتر ۽ محفوظ سمجهيو وڃي ٿو. 15 ميل اوچائي تائين سموري هوا جي ڪل اوزون گئس جو سڀ کان گهڻو مقدار ملي ٿو. هن تھ جو مٿئين پرت پڻ هڪ نموني سان ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿي. جنھن کي “سنگڍاڪ” سڏجي ٿو. سنگڍاڪ ۾ سج کان ايندڙ تُز واڱڻائي (انگريزي ٻولي: Ultraviolet) ڪرڻا جَهٽجي جذب ٿين ٿا. سنگمنڊل ڏاڍو ٿڌو آهي، منجھس تائُماپ يا گرمي پد، ٻڙي کان ڪاٽُو اَسِي (-80) پد تائين گهٽ وڌ ٿئي ٿو. ان سان گڏ هي تهہ هڪ ايئرڪنڊيشنر جو ڪم پڻ ڪري ٿو. سِياري ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هوا ڏاڍي ٿڌي ٿي وڃي ٿي، تڏهن هن منڊل ۾ تائپد وڌڻ لڳي ٿو ۽ -80 کان مٿي چڙهي ٻن ڏينھنِ ۾ -40 تائين پھچي سگهي ٿو.
هوا جو ٽئين ۽ مٿئين تھ جي اڃا سُوڌو عالمي طور تي صحيح درجيبند نہ ڪئي وئي آهي. ڪي سڄاڻ ان کي هڪ تھ سمجهن ٿا، تہ ڪي وري ان جا ٽي تھ ڳڻين ٿا. انھن ٽن ٽھن جا تفصيل هي آهن:
1. وچيرمنڊل سنگڍاڪ کان مٿي 14-50 ميل ٿلھو آهي. هيءُ ڏاڍو ٿڌو آهي ۽ هن ۾ تائماپ يا تاپمان -90 (ڪاٽُو نوي) پد تائين گهٽجي سگهي ٿو. هن تھ ۾ هوا جو داٻ بہ ڏاڍو گهٽ آهي. هن تھ کي پڻ پنھنجو ڍڪڻ آهي جنھن کي وچيرڍاڪ سڏجي ٿو.
2. ڄَرمنڊل يا ايٽمي روپ منڊل پوڻا ٻہ سَو ميل کن ٿلھو آهي، جنهن ۾ هوا جي گهاٽائي ۽ داٻ مورڳو گهٽجيو وڃي، جنھنڪري هوا ڏاڍي ڇڊي آهي. ان جي هيٺين حصي ۾ ماليڪيولي نائٽروجن، ماليڪيولي آڪسيجن ۽ ايٽمي آڪسيجن موجود آهن ۽ جيترو اُوچو وڃبو ماليڪيولي آڪسيجن جو مقدار اوترو ئي وڌندو ويندو. هن تھ ۾ 70 ميل کن اوچائيءَ تي سج جا ايڪس ڪرڻا (انگريزي ٻولي: X-ray) ۽ تز واڱڻائي ترورائپ يا الٽراوايوليٽ ريڊِيئيشن آڪسيجن جي ايٽمن جا اڻوڪَ يا آيَنس (انگريزي ٻولي: Ions) ٺاهي يا انهن کي وِڄار وهڪ يا اليڪٽريڪل چارج ڏئي ٿي. وڄار وهڪ يا اليڪٽريڪل چارج سبب ئي آڪسيجن جو ايٽم ۽ نائٽروجن جو ماليڪيول اڻوڪُ (Ion) ٿي پوي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ بہ، اتر پاسي، روشنيءَ جون ڊگهيون ڊگهيون لاٽون اڀرندي نظر اينديون آهن جن کي وِڄسار يا آرورا (انگريزي ٻولي: Aurora) سڏيو وڃي ٿو. روشنيءَ جون اهي ڊگهيون لاٽون اڻوڪ يا آئَنس (سIon) ذرڙن جي ڪري ڄرمنڊل ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن ته 65 ميل اوچيون / ڊگهيون بہ هونديون آهن.
3. ٻَھرمنڊل، پَرمنڊل يا ماقيمنڊل: هن تھ کي 300 کان 500 ميل ٿلھو سمجهيو وڃي ٿو. هن تہ ۾ هوا ايڏي تہ ڇڊي ٿي وڃي ٿي جو هن تھ جي پراهين سطح جي نشاندهي ڪرڻ ممڪن ناهي. چيو وڃي ٿو تہ هوا ڏاڍي ڇڊي ۽ اڻوڪي (Ionic) ٿي وڃي ٿي تان جو وڃي سج جي اڻوڪي سرحد سان ملي ٿي. هن تھ جي پيڙھ آڪسيجن، هئڊروجن ۽ هِيليَم گئسن جي ايٽمن سان ڀريل آهي، جن جو هڪ سيڪڙو اڻوڪن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. هن تھ جي پيڙھ کان سَوا سَو ميل مٿي اهي اڻوڪَ چقمق جو ڪم ڪن ٿا جنھنڪري ان ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان وڌيڪ آهن. هن تھ ۾ ٻہ ڍڪڻ موجود سمجهيا وڃن ٿا جن مان هڪُ ٻہ هزار ميل اوچائي تي ۽ ٻيو چار هزار ميل اوچائي تي سمجهيو وڃي ٿو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. [[سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام