سنڌ ۾ مڌيا ديش وارن جي حڪومت

شوي آرين جي حڪومت سنڌ ۾ پنجاب ۾ شايد ويدن واري زماني تائين هلي. اتهاسن واري زماني ۾ اهي ٻيئي هنڌ مڌيه ديش وارن جي تابعي هئا. رامائڻ واري زماني (تريتا جڳ) ۾ مڌيه ديش طرف ايوڌيا جو راجا دسرٿ هو. کانئس پوءِ سندس مربي پٽ سري رامچندر ايوڌيا جي گاديءَ تي ويٺو، جو راڻي ڪوشليا مان ڄائو هوس*. سنديس ٻي راڻي ڪيڪئي هئي، جا ڪيڪيه پرڳڻي جي راجڪماري هئي، تنهنڪري انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ ٿي آئي. راجا دسرٿ کي راڻي ڪيڪئيءَ مان ڀرت نالي پٽ هو، جنهن کي سندس ناناڻو پرڳڻو ڪيڪيه مليو، پر رگهووتش ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀرت کي سنڌ ديش مليو. هن حقيقت موجب چئبو، ته آنو يا شوي آرين جو زور انهن سورج ونسي گهراڻي جي راجائن اڳيئي ڀڃي، سنڌ ۽ ڪيڪيا جا پرڳڻا پنهنجي قبضي ڪيا هئا، جنهنڪري راجا دسرٿ کان پوءِ سنديس حڪومت جو ورهاڱو مٿينءَ ريت ٿيو.

23- مهاڀارت واري زماني ۾ سنڌ جو راجا جئدرٿ هو. پراڻن پٽاندڙ هو پنچالن مان هٿو، جي يجرويد واري زماني ۾ مڌيه ديش ڏي ويا هئا. مهاڀارت ۾ راجا جئدرٿ جو ٻيو نالو ’سؤوير‘ ڄاڻايل آهي. البيروني (سنه 1030ع ڌاري) ڄاڻايو آهي. ته اڳي ملتان ۽ جهارواڙ کي گڏي ’سؤوير‘ سڏيندا هئا. انهيءَ سبب سمجهڻ سولو ٿيو آهي ته راجا جئدرٿ ملتاني هو. اهو سؤوير پرڳڻو، شوي آرين ويدن واري زماني ۾ هٿ ڪيو هو، پر مهاڀارت واري زماني ۾ سندن هٿ ۾ نه هو.

سنڌ گزيٽيئر موجب مهاڀارت واري لڙائي عيسوي سنه کان ٻارهن يا تيرهن صديون اڳي لڳي هئي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ راجا جئدرٿ پنهنجن سالن ڪؤرون جي پاران وڙهيو هو، پر پانڊون هٿان مارجي ويو هو. کانئس پوءِ سنڌ جو پرڳڻو پانڊون جي صاحبيءَ هيٺ اچي ويو.[1]

حوالا سنواريو