سنڌ ۽ بمبئي ريزيڊنسي

سنڌ کي بمبيء کان ڌار ڪرڻ واري جدوجهد تي ته تمام گهڻو مواد ملي ٿو پر سنڌ کي بمبي ريزڊنسي سان ڇو ملايو ويو ان لاء ڪو خاص سبب يا حوالو ڪونه ملي ٿو. سنڌ کي بمبئي ۾ شامل هڪ تاريخي ڪارڻ هي به هيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هئي. ٻين تمام گھڻين رٿائن سان گڏ هنن هڪ نج سنڌي فوجي دستو به تيار ڪيو هو ۽ انهن جي تربيت ڪري مختلف محاذن تي موڪلڻ لڳا. ان وقت انگريزن جي سامهون پنجاب کي فتح ڪرڻ به هڪ هئو ۽ انلاءِ هنن کي سنڌ جي سرزمين ۽ فوجي وسيلا استعمال ڪرڻ هئا، تنهنڪري انگريزن سنڌين جي فوجي تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. ان وقت هڪ قانون هئو ته جيڪڏهن ڪوبه فوجي پنهنجي صوبي کان ٻاهر ويڙھ ڪرڻ ويندو ته ان کي اٺ روپيه واڌو پگهار فارن الاونس جي صورت ۾ ملندي.

1854ع ۾ جڏهن انگريزن پنجاب تي مهم جوئي ڪئي ۽ سنڌ رجمينٽ جا دستا متحرڪ ڪيا ته سنڌ جي فوجين مطالبو ڪيو ته هنن کي قانون مطابق اٺ روپيه واڌو پگهار ڏني وڃي نه ته هو ڊيوٽي تي نه چڙهندا. جيئن ته مرڪزي سرڪار اها رقم خرچ نه پئي ڪرڻ چاهي، تنهنڪري هنن ان جو اھو نبيرو ڪڍيو ته سنڌ کي بمبئي ريزيڊنسي سان ملائجي ته جيئن ان جو علائقو وسيع ٿي وڃي ۽ ڪوبه فوجي يا آفيسر واڌو پگهار جو مطالبو ڪري نه سگهي. اهڙي طرح 1854ع ۾ مرڪزي سرڪار جو حڪم نامو جاري ٿيو ۽ سنڌ ، بمبي سان شامل ڪئي وئي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌ ويزن: سنڌ کي بمبي ريزيڊنسي ۾ ڇو شامل ڪيو ويو - مرتب علي مراد راھوجو