سنڌ پرڳڻو گپت گهراڻي جي صاحبي هيٺ

عيسوي سن کان 184 ورهيه اڳي، جڏهين موريا گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين. يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ پرڳڻي گهڻا لاهاچاڙها ڏٺا. انهيءَ کان پوءِ 320ع ڌاري مڌيا ديش جي پنچالن جي ڪل وارن پنهنجو نالو ڪڍيو. يجرويد واري زماني کان وٺي اهي پنچال، ڪانيا ڪبج (ڪنوج) ۾ راڄ ڪندا هئا، سندن ڪل وارن گپت گهراڻي جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي سٿين حاڪمن کي پنهنجو ڏن ڀروُ ڪيائون؛ پر سنڌ جي حڪومت جون واڳون وري به سٿين لوڪن جي هٿن ۾ ڇڏيائون.

گپت گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان برهمڻن لاءِ ڄڻ ته سونو سج اڀريو؛ ڇاڪاڻ ته گپت گهراڻي وارا سڀ ڪريا ڪرم برهمڻن کان ڪرائيندا هئا. ٻڌ ڌرم جاري ٿيڻ ڪري برهمڻن ٺوڪر کاڌي هئي، سي هينئر چيتي هلڻ لڳا ڪن لنگ جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ ٺاڪردوار ٿي ٺاهيا، ته انهن ڳالهين تي اعتراض ڪونه اٿاريائون. ائين ماڻهن جي ڀيت تي هلڻ لڳا ته ٻڌ ڌرم هوندي به، برهمڻي ڌرم وري پاڻ کڻڻ لڳو. راجا سمدر گپت جو پٽ راجا چندر گپت (ٻيو)، جو عام طرح وڪرماجيت (وڪرمادنيه) سڏجي ٿو، تنهن جي جاکوڙ سان وديا پکيڙ چڱي ٿيي. سندس دربار ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل هئا، تن مان نوَ ڄڻا ’نوَ رتن‘(Nine gems) سڏجڻ ۾ آيا، جن مان هڪڙو ناميارو ڪوي ڪاليداس هو، جنهن جا سنسڪرت ناٽڪ مشهور آهن. ٻيو وررچي هو.

گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ ماڻهو سک سانت ۾ گذارڻ لڳا. گهرن ۾ ڪٿائون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو پراڪرت لفظن بدران ڪيترا نج سنسڪرت لفظ ڪم آڻڻ لڳا.[1]