سنڌ سڄاڳي فورم
گهڻو ڪري هي مضمون وڪيپيڊيا ۾ معروفيت جي عمومي اصول جي مطابق ناهي۔ جيڪڏهن مضمون حوالن کان مُڪمل خالي آهي ته ان صورت ۾ جيڪڏهن اهو وڪيپيڊيا جي فوري حذف شدگي جا معيار جي ُمطابق آهي ت فوري حذف شدگي (ڊانهڻ) عمل ۾ ايندي، بصورت ٻيو حذف(ڊاٺ، ڊانهن) جي ڪارروائيءَ جي لاءِ حذف لاءِ مضمون جو استعمال ڪيو ويندو۔ |
سنڌ سُڄاڳي فورم، انگريزي( Sindh Renaissance Forum) هڪ سنڌ جي شاگردن، مزدورن ۽ عام ماڻھن تي مُشتمل سماجي، اڪانامي ۽ سياسي رابطن جو پليٽ فارم آھي، جيڪو سنڌ سان جُڙيل مسئلن جي حل لاء سرگرم آھي.[1] ايڊووڪيٽ مُحب آزاد لغاري (ج.س) ۽ سارنگ جويو ،[2] سُهڻي جويو، ۽ گل حسن لاکو هن فورم جا مرڪزي عُهديدار ۽ باني آھن.
تعارف
سنواريوفورم سنڌ جي ماڻھن کي سائنسي، مُعاشي، تاريخي، انقلابي ۽ ادبي شعور ڏيڻ لاء ٺھيو. فورم سنڌ جو قومي، تخليقي نظرياتي ۽ ثقافتي ادارو آھي. فورم سنڌ ۾ نئين جاڳرتا(رنائسان) شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻھن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، فني، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي سرگرمين جو گڏيل پليٽ فارم آھي.
مقصد
سنواريو- سنڌ ۾ علمي ادبي جاڳرتا.
- سنڌ ۾ سياسي سماجي جاڳرتا.
- سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، ٻولي، علم، ادب، آرٽ، فنون لطيفه ۽ موسيقيءَ تي ڪم.
- هنري، ٽيڪنيڪي ۽ معاشي پروگرام.
ڪلپنائون
سنواريو- سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي جاڳرتا لاءِ عوامي ۽ آنلائين لائبريرين جو قيام عمل ۾ آڻڻ.
- سنڌ ۾ علمي ادبي بحث مباحثن، مڪالمن، اسٽڊي سرڪلن، علمي، عقلي ۽ سائنسي ڳالھ ٻولھ جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ.
- عوامي ۽ انقلابي شعور جي ادب کي هٿي وٺرائڻ.
- ڪلچرل جدوجهد ذريعي قومي سڄاڳي ۽ قومي ٻڌيءَ جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ.
- ٽيڪنيڪي تعليم ۽ هنرن سميت ننڍن روزگارن جي معاشي پروگرامن تي ڪم ڪرڻ.
- تربيت يافتا سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪيڊر جي تياري لاءِ نرسريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ.
مشن
سنواريوتربيت يافتا ۽ ترقي يافتا روشن، آزاد ۽ سکي ستابي سنڌ جو قيامُُ، فورم جي اهم ترجيحن ۾ شامل آھي.
ميمبرشپ
سنواريوهر سنڌ دوست ۽ سيڪيولر مرد توڙي عورت، شاگرد توڙي شاگردياڻيون فورم جا ميمبر ٿي سگھن ٿا. فورم جا دروازا سنڌي قلمڪارن، اديبن، دانشورن، شاعرن، شاگردن، هارين، پورهيتن ۽ مزدورن لاءِ کليل آھن.
حوالا
سنواريو- ↑ https://awamiawaz.pk/550028/
- ↑ Guramani, Imtiaz Ali | Nadir. "Missing human rights activist Sarang Joyo returns home in Karachi". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-01-10.