سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ استعمال ٿيندڙ جملا

سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ گڻي ڀاڱي ڳالهايا ويندڙ جملا، جيڪي گھڻي ڀاڱي رشوت وٺڻ (هندي ۾؛ گُھوس خوري घूस खोरी) ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا آھن؛

  • کير ۾ جيتري کنڊ وجهندي اوترو کير مٺو ٿيندو۔
  • گهوڙو جيڪڏهن گاھ سان ياري رکي ته پوءِ کائيندو ڇا۔
  • ڏنو پٽ، ڇٽي جو۔
  • دنياداري آهي، پاڻ سمجهين ٿو۔
  • گاڏي ۾ تيل پوندو ته گاڏي هلندي رهندي۔
  • ڪم ته ٿيندو پر ڪجھ خرچ ايندئي۔
  • سکڻي دعا به پِٽَ برابر۔
  • هڪ هَٿِ ڏي، ٻئي هَٿِ وٺ۔
  • نانگ ته ناهيون جو مٽي کائينداسين۔
  • پيٽ ته ير پاڻ کي به آهي۔
  • سنگت ۾ ڳالھ ڪبي سڌي ٻه روپيا لڳندئي۔
  • ڏيڻ وٺڻ واري ريت تي دنيا قائم آ۔
  • مون کان به حساب وٺڻ وارا ويٺا آهن۔
  • جت سچو ٿئي ته کڙھ تي کير پيئاري۔
  • جي نه ته هل ته اچانءِ ٿو۔
  • فائيل تي وزن پوندو ته فائيل ڊڪندو۔
  • مهانگائي ڪيڏي آ پاڻ خبر اٿئي۔
  • صاحب جو هيڏو ته وات آ۔
  • مهنگا روئي ايڪ بار سستا روئي بار بار۔
  • اٺ آنا اٺ، ٻارنهن آنا گهلاڻي۔
  • ڏئي وٺي جان ڇڏاءِ۔
  • کيسو گرم ٿئي ته ڳالھ به سمجھ ۾ اچي۔
  • آفيس جو خرچ لڳندو۔
  • ڏاٺ ڪوسي ڪراءِ۔
  • ڪم گهڻو آ، قائدِ اعظم جي ضرورت آ۔
  • سڀ سمجهين ٿو، ٻار تون به ناهين۔
  • پگهار ته گرڙي ٿيو وڃي۔
  • گهٽ ۾ گهٽ پگهار ته بچي۔
  • ڪِچِن جو ڪم ته هلندو رهي۔
  • اسين ته ويٺا ئي اوهانجي خدمت خاطر آهيون۔۔
  • ڇا ڪجي مٿين جو پيٽ به ته ڀرڻو آ۔
  • وري به تنهنجي مرضي۔
  • وات ته مٺو ڪرائيندي نه۔
  • منهنجي مٺائي، ڌار لڳندئي۔
  • ڪم ته وڏو آ پر ماڻھو چڱو ٿو ڏسجين۔

وغيره وغيره.