سنڌ جو آڳاٽو جاگرافيائي نقشو

ڪتاب: غرايب الفنون و مُلح العيون“ (کين کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عجيب مهارتن جو ڪتاب) هڪ نامعلوم عرب جاگرافيدان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 12ع صدي عيسوي جي آخر ڌاري يا 13ع صدي عيسوي جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هيءُ ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هڪ واپاري سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاري 2002ع ۾، ان ڪتاب کي 100000 هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ کي وڪڻي ڏنو ۽ جامع آڪسفورڊ، هن ڪتاب کي پنهنجي ڇپائي واري پروجيڪٽ ۾ شامل ڪري، هن ۾ ضروري واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ دنيا جا ناياب قديم ٻه نقشا ۽ ڪجهه ٻيا جاگرافي جا نقشا ۽ تصويرون ڏنيون آهن. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌو درياءجو آڳاٽو نقشو ڏنو ويو آهي. سنڌو ندي جو هيءُ نقشو ٿٻيٽ (تبت) کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ سان لڳندڙ هندي وڏي سمونڊ تائين جي آڳاٽن تاريخي ماڳن جي واقفيت ڏئي ٿو.

هن ڪتاب جو ليکڪ جيڪو هڪ نامعلوم عرب اسڪالر ۽ جاگرافيدان آهي، اهو اسڪالر لکي ٿو ته مون هن سائنس يا دانائي جو بيان جو ، عظيم فلسفيدانن ۽ اعليٰ ڄاڻ رکندڙ عالمن، جهڙوڪ جعفر بن محمد البلخي، محمد بن ابرهيم فرازي، خالد بن عبدالمالڪ مرُورُودي، محمد بن موسيٰ الخوارزمي، سند بن علي (سنڌي عالم, سنڌي بن علي)، حبش الله بن عبدالله، الحسن بن مصباح، بني نوبخت ۽ ٻين جي حڪايتن مطابق ڪيو آهي، مون سندن حڪايتن کي صفائي ۽ وضاحت سان پيش ڪيو آهي، شال ڌڻي سڳورو مون کي ڪامياب ڪري ۽ دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ مون کي ان ۾ سچائي ۽ مهارت ڏئي!

هن ڪتابَ ــ ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ ۾ ڏنل 800 سو ورهيه آڳاٽي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي. سنڌ جي جاگرافيائي حدن جا ڄاڻون هڪ ئي راءِ سان سهمت آهن ته سنڌ جون حدون، قنوج(ڪنياڪُبجا) تائين پکڙيل هيون. تنهن زماني ۾ قنوج جو شهر ننڍي کنڊ لاءِ مکيه واپاري مرڪز هو. هتي ڪيتريون ئي بازارون ۽ ڳوٺ هئا. انهن ڏينهن منجھ، عربن جي اچڻ وقت قنوج جو راجا راءِ هرچندرا (Raja Raai Harchandar) هو. هيءُ شهر اتر ۽ اتر ــ اولھ هندوستان جي گاديءَ جو هنڌ هو. 9ع صدي عيسوي ڌاري گُرجرَ ــ پَرتيهارَا گهراڻي جا فردَ هن شهر تي حاڪم هئا . کين 370 بوُداد؟ ۽ 2500 هاٿي هئا . قنوج کي محمود غزنوي 1018ع ۾ تاراج ڪري ڇڏيو . سنڌ کان قنوج ويندڙ شاهراه تي هيٺيان شهر آباد هئا . جهڙوڪ تطيز ، داوربور ( ديپالپور) ايروي ، دوراز ، باناشور ( ٿانيسور) سوروه ، مهروه ، بروَر ۽ قنوج کان چين ويندڙ رستو بابِ چين (china gate) کان ٿيندو, چين جي شهر شِيان ۾ داخل ٿيندو هو. قنوج جي اتر طرف فريان (اله آباد) بنارس ، نقذ ( پٽنا) ۽ اڳيان ولهاس (لهاسا ـ تبت ) ۽ باب چين آباد هئا. [1]

هن ,ڪتاب جي خالق جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته ساحل هند تي ديبل ـ سندان, مڪران ـ نيرون آباد هئا,. ان وقت منصوره عربن جو مکيه شهر ٿي ويو هو. کيس اڳ ۾ برهمڻ آباد چوندا هئا. هن شهر کي پوء 771ع ۾ گاديءَ جي هنڌ جو درجو ڏنو ويو. عرب عباسي بادشاهت جي عرب گورنر عمر بن حفص بن ابي سوفره المُهَلبِي، عباسي خليفي منصور جي نالي جي مناسبت سان، هن شهر جو نالو منصوره رکي ڇڏيو. [2]

هن ماهر جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته سنڌو کي 6 ٻيون نديون هيون,(پر قديم مذهبي تاريخ جي ڪتابن ۾ سنڌو کي سپت سنڌُو چيو ويو آهي, مطلب ستن ندين وارو ملڪ, اگر سرسوتي درياء کي ان ۾ شامل ڪجي ته پوء ڳاڻاٽو پورو ٿئي ٿو) جيڪي سنڌو ۾ پونديون هيون. هيء سنڌوُ درياه جبال اڪبيت( هماليه ٿٻيٽ (Tibet) مان وهي نڪري ٿو ۽ سندس منزل ساحل هند آهي . هن ملتان (Multan) بابت لکيو آهي ته هيءُ شهر سون جو کلندڙ دروازو آهي، هن شهر ۾ حجاج بن يوسف جو ڀاءُ محمد بن يوسف فاتح ٿي، داخل ٿيو هو. تنهن هتان 400 بهار (Bahaar) سون لٽيو ۽ هڪ بهار. هڪ مڻ جي برابر هو. هن نقشي ۾ آڪسورڊ يونيورسٽي جي اسڪالرن تحرير ڪيو آهي, ته ملتان شهر کي هڪ لک ڳوٺ هئا، ملتان جي حدن اندر تطيز شهر جا رهواسي بت پرست هئا ۽ هن لکيو آهي ته هن شهر جو اصل نالو مولتان (Moltaan) يا مولستان (Molistaan) هو,(متان اهو اشارو چول يا ڪول قوم ڏانهن هجي, جيڪا چولسان ۾ آباد آهي) ۽ هتي يحيٰ نبي رهيو هو، هتان هندوستان جي پهرين حد شروع ٿئي ٿي, هي شهر مسلم سنڌ جو مکيه مرڪز ۽ سينٽرل سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هو, ملتان کان 124 ميل پري اتر ـ اوڀر ۾ داور بور (ديپالپور) شهر هو. جتان هڪ ندي نڪري سنڌو کي ڀرتي ڪندي هئي, هتي جي راجائن کي بوُره جي لقب سان سڏيو ويندو هو. [3][4][5][6]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب غرايب الفنون ومُلح فنون
  2. مسعودي
  3. مسلم اسڪالر مسعودي
  4. ڪتاب غرايب الفنون ومُلح فنون، هن ڪتابي نسخي تي هڪ دستخط الفقير مصطفيٰ المعروف بڪبري زاده جو ۽ ٻيو دستخط ڪتاب جي مالڪ يحيٰ بن محمد ال ملاح جو ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ ۾ رکيل آهي، جنهن جو ڪئٽلاگ نمبر MS Arab c 90 آهي.
  5. هن کان اڳ ابن حوقل 943ع ۾ سنڌ جو جاگرافيائي نقشو پڻ پيش ڪيو هو
  6. دنيا جو هڪ ٻيون نقشو عثمانيا سلطنت ۾ نيوي فوج جي هڪ ڪمانڊر اميرال بحر ٺاهيو هو، سندس نقشو ترڪي جي ڪنهن ڪتب م خاني پيل آهي