سنڌ جا راشدي بزرگ

شاهه ولي الله دهلوي جي جي حلقي ۾ سنڌ جا ناليوارا عالم شامل هئا. مثال طور مخدوم محمد معين ٺٽوي، جيڪو شاهه عبداللطيف ”صاحبِ رساله توحيد“ جو ساٿي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي بزرگن مان هيو، اهو شاهه ولي الله کي پنهنجو امام مڇندو هو. جڏهن امام عبدالعزيز جي جماعت سنڌ مان گذري ته راشدي بزرگن مان شيخ شيخنا مولانا سيد محمد حسين جيلاني ۽ مولانا سيد صبغت الله لڪياري ان حلقي ۾ شامل ٿيو. آخر ۾ حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جا ٻئي وڏا خليفا مولانا غلام محمد (دينپور) ۽ مولانا تاج محمود (امروٽ) ۽ سيد صبغة الله جي خاندان مان مولانا رشدالله ۽ حضرت مولانا شيخ الهند سان ڳنڍجي ويا. [1] [2]

  1. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون (مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19 
  2. ڪتاب: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون