سنڌ تي بختر جي يونانين جي ڪاهه

مهاراجا اشوڪ جي وقت ۾ سنڌ ۾، ڪن هنڌ ”سٽوپا“ (Stupa) ٺهيا ۽ اهي تيرٿن جا هنڌ ليکجڻ ۾ آيا. ان وقت ٻڌ ڌرم هيڪاري زور ورتو ۽ پالي ٻوليءَ به ترقي ڪئي. مهاراجا اشوڪ، عيسوي سنه کان 227 ورهيه اڳي گذاري ويو. کانئس پوءِ عيسوي سنه کان 180ع کن ورهيه اڳي، بختر (بئڪٽريا) طرف جا ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي ڪاهي آيا ۽ پوءِ سنڌ جي به فتح ڪيائون. سندن وقت جي نشاني، بختي، بغدي، ۽ بلغاري لفظ آهن.


بغدي بلوچن جا اَٺ ويهون اُٺن،

ڌاڙي خاطر ڌاريا، مهري ملوڪن.

ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، جن جا چيريا چپ چُرن،

ڪنڌن ڪارا، پڇ ٻاهرا، جن جا کر نه کڙڪو ڪن،

نڪ ۾ نوڙي، وڃن ڊوڙي، بختي بلوچن،

منزل مارڻ، پوءِ نهارڻ، اهو عيب اُٺن،

وڃي واءِ چڙهن، ته به ڪنبن ڪين ’ڪبير‘ چوي.

(ڪبير شاهه)


بغدي معنا بلغ (بلغ- بخارا) جو اُٺ؛ بختي معنيٰ بختر(بئڪٽريا) جو اُٺ – اهي ٻيئي يوناني لفظ آهن. بئڪٽريا (بڪتر – بختر) جو قديم فارسيءَ ۾ اُچار’باختري‘ ۽ ”باخدي“ هو، ۽ اهو هاڻ ’بلخ‘ (بلغ) سڏجي ٿو*. انهن نالن مان ’بغدي‘ ۽ ”بختي“ لفظ ٺهيا آهن. اهي اُٺ ٻن ٿُوهن سان هئا ۽ پنڌ جا تکا هئا، تنهنڪري ٻنهي جي هاڻ معنيٰ آهي ’ڀلو مهري اُٺ‘.

(الف) بولغار جو شهر وولگا نديءَ جي ڪناري تي آهي. اتي جي نانگ جي ورن وانگر حُقن جا نڙ سنڌ ۾ عام ٿيا. ته اهي ’بلغاري‘ يعني بولغار جا سڏجڻ ۾ آيا: انهن نڙن سان ڦوڪ سٺي ڀري سگهجي ٿي، تنهنڪري پوءِ ’بلغاري‘ معنا ٿي سٺي متل چلم يا چڱو متل حقو. [1]

حوالاسنواريو