سنڌي ڊڪشنريون ۽ گرامر

سنه 1816ع ۾، سنسڪرت جو ناتو يوروپي ٻولين سان ثابت ٿيو، ته ٻولين جي باري ۾ وڌيڪ کوجنائون ڪيائون. سنڌي ٻولي کي به ڪين ڇڏيائون. پهريائين مسٽر واٽن، ميرن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جوڙيا، ۽ پوءِ ٻين صاحبن به انهيءَ ڏس ۾ چڱا پورهيا ڪيا. ڊاڪٽر ٽرمپ جو جوڙيل گرامر اڄ تائين مشهور آهي. اهوئي صاحب هو جنهن سنه 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ڇپايو هو. [1]

حوالا سنواريو