سنڌي ڀيروي: سنڌي جوڳ وانگر سنڌي ” ڀيروي“ به راڳداريءَ جو ڪ راڳ آهي، مگر سرن جي ٿوري ڦير گهير ۽ چال ۾ فرق جي ڪري، هن راڳ کي گرنٿن واري ڀيروي کان جدا ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن گائڪيءَ جي ڀيرويءَ کي ”آساوري“ ٺاٺ مان ڳائبو ته سنڌي ڀيرويءَ جي شڪل ظاهر ٿيندي. ڀيروي ۽ سنڌي ڀيروي جي چال ۾ وڏو فرق هوندو آهي، سنڌي ڀيروي جي اترانگ (لاهه) مڌم تي ٽڪاءُ ڪندا آهن، جنهن ڪري هڪ ته هن راڳ جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي، ۽ ٻيو ته وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي. هيءَ راڳ به سمپورن آهي، يعني هن ۾ به ست ئي سر لڳندا آهن. سنڌي ڀيروي جي آروهي ۽ امروهي هيءَ آهي. آروهي: سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا. امروهي: سا، ري،ڌا، پا،ما، گا، ري، سا. هي راڳ عام ورتاءَ جو راڳ آهي. هن ۾ به ڪافيءَ جون ڌنون سٺيون ٺهن. اهي ته هئا اهي سنڌي راڳ، جيڪي اڄڪلهه به ملن ٿا، پر اڃا به تحقيق ڪجي ته ”معذوري“ ”سامونڊي“، ”مارئي“، ”رپ“،”ڏهر“،”گهاتو“ وغيره به لڀي سگهندا. جيڪي به نج سنڌي راڳ آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}